پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ بهترين ملڪ آهي (ڊيرن سيمي) ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ توهان جو وڏو ڪردار آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

4Shares

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور سان ملاقات ڪئي ۽ پشاور زلمي جي شرٽ پڻ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان کي خبر آهي ته توهان پاڪستان ۽ پاڪستاني قوم سان تمام گهڻي محبت ڪريو ٿا، توهان جو پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ وڏو ڪردار آهي، ڪافي عرصي کان پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ نه ٿي رهي هئي، پشاور زلمي جو حصو بڻجي توهان پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪيو. هن چيو ته توهان جي ذريعي ٻيون عالمي ٽيمون به پاڪستان اينديون، اميد آهي ته گذريل ٻن سالن جيان هلندڙ سال به پاڪستان ۾ ميچز ڪاميابيءَ سان ٿينديون. ان موقعي تي ڊيرن سيمي چيو ته مونکي هميشه نه رڳو پشاور زلمي جي شوقينن پر پاڪستاني قوم کان به تمام گهڻو پيار مليو آهي، پاڪستان اچي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته آرمي چيف جو ٿورائتو آهي، اهو هميشه ڪرڪيٽ جي پذيرا ڪندو آهي، ٻين غير ملڪي رانديگرن کي به چوندس ته پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ بهترين ملڪ آهي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں