پي سي بي پاران سرفراز احمد کي ورلڊ ڪپ تائين قومي ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جو اعلان

1Shares

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني ان سمورين افواهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ڪپتان سرفراز احمد وڌيڪ ٽيم جي قيادت نه ڪندو، احسان ماني اعلان ڪندي چيو آهي ته سرفراز احمد ڪپتان آهي ۽ اهو  ئي قومي ٽيم جي قيادت ڪندو. پي سي بي هيڊڪوارٽر ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي احسان ماني جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سرفراز احمد ڪپتان آهي جيڪو آسٽريليا خلاف سيريز ۽ ورلڊ ڪپ ۾ به ٽيم جي اڳواڻي ڪندو. هن چيو ته اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو هڪ واقعي کانپوءِ ڪوڙيون افواهون پکيڙيون ويون ته ڪپتان تبديل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته سرفراز احمد جو رڪارڊ تمام سٺو آهي، سڄو بورڊ ساڻس گڏ آهي ۽ مڪمل حمايت ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته هر سيريز کانپوءِ ٽيم ۾ ڪپتان سميت سڀني جي پرفارمنس ڏسندا آهيون، ورلڊ ڪپ کانپوءِ سرفراز جي ڪپتاني جو جائزو وٺنداسين. ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته اعتماد ڪرڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتاني ڪرڻ ڪنهن به ڪپتان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪستان لاءِ سٺي کان سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته جيڪا غلطي ڪئي، ان جي سزا ملي وئي ۽ سزا پوري به ٿي وئي، هاڻ اڏسي ڏسڻو آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں