سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان ايڪي جو اظهار، انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ريليون، برطانوي پارليامينٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ منظور

3Shares

اسلام آباد / ڪراچي/ لاهور/ ڪوئيٽا/ پشاور (بيورو / اسٽاف رپورٽر / نمائندن وٽان)  سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان ايڪي سان ڏهاڙو ملهايو ويو. انساني هٿن جي زنجيرون ٺاهي  ريليون،  ڀارت خلاف نعرا، والاريل ڪشمير ۾ جارحيت  بند ڪرڻ جو مطالبو.  تفصيل موجب سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان  يڪجهتي جي اظهار جو ڏهارو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. مک تقريب اسلام آباد ڊي چوڪ تي ٿي. پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ مظفر آباد  ۾ ڪوهالا پل تي  مختلف هنڌن تي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي ريليون  ڪڍيون ويون. اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، فيصل آباد، راولپنڊي،  سميت  ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون.  ڪراچي  ۾ مختلف سياسي پارٽين ۽ تنظيمن پاران ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. سياسي، مذهبي ۽ ٻين جماعتن  پاران ريلين دوران ڀارتي خلاف  زوردار نعرا هڻي ڀارتي جهنڊا ساڙيا ويا. حيدرآباد ۾ قاسم آباد بزنس فورم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي قاسم آباد بزنس فورم جي چيئرمين انجينيئر رحمت الله ساند ڪئي، جڏهن ته ان دوران سياسي، سماجي شخصيتن، دڪاندارن، واپارين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، فنڪارن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي مين قاسم آباد کان ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي علي پئلس تائين پهتي. ان موقعي تي انجينئير رحمت الله ساند سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪشميرين سان جاري ظلم جو عالمي دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هنن چيو ته ڪشميرين سان ظلم جي تاريخ پراڻي آهي، جيڪو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. ڪشميري پنهنجي خودمختياري ۽ حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن.هنن عالمي طاقتن تي زور ڀريو ته اهي اقوام متحده جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي ڪشميرين کي حق ڏيارڻ لاءِ ڀارت کي پابند ڪن جيڪو ڪشميرين بنيادي حق آهي. هنن چيو ته ڀارت خالي هٿين ڪشميري مسلمانن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن ۽ انساني حقن کي لتاڙيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان جاري ظلم مان ڀارت جو اصل چهرو سامهون اچي ويو آهي. هنن چيو ته اسان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکنداسين ۽ دنيا سامهون ڀارت جو لڪيل چهرو بي نقاب ڪندا رهنداسين. ٽي ايم او ٿاڻوبولاخان ڊاڪٽر ڪئلاش ڪمار چيئر مين عبدالعزيز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي کان ڪشميرين سان يڪجهتي جي حوالي سان  ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف چوڪن کان ٿيندي شهيد بينظير ڀٽو چوڪ تي اختتام پذير ٿي جتي ريلي کي مختلف  شخصيتن ٽي ايم او ڊاڪٽر ڪئلاش ڪمار ڪيولاڻي ۔  المهراڻ جي سرواڻ محمد حسين خاصخيلي ۔ چيئرمين عبدالعزيز ۔ معشوش حملاڻي ۔ محمد مٺل خاصخيلي ۔ جاويد اقبال خاصخيلي ۔ مولوي عبدالرحمن گبول ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ڪشمير پاڪستان جو حصو آھي ڪشمير ئي ٿي رهندو  هنن چيو ته اسان ڪشمير کي ڀارت  کان  آزاد ڪرائينداسين هنن چيو تہ ڀارتي  حڪومت ڪشمير جي ڀائرن سان ظلم بند ڪري  ۔  ريلي ۾ ھائير سيڪينڊري اسڪول جي استادن محمد مٺل خاصخيلي ۔ امام الدين خاصخيلي  ۽ ٻين استادن سان گڏ اسڪول جي شاگردن ان سان گڏ المهراڻ جي عهديدارن ۔صحافين شھرين  ٻين سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۔ ٻئي پاسي ايليمينٽري اسڪول ٿاڻوبولاخان ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٿاڻوبولاخان ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏھاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ استادن شاگردن تقريرون ڪري ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظھار ڪيو ۔ ڪشمير ڊي جي موقعي تي ضلعي انتظاميه خيرپور پاران ڪشميرين تي ٿيندڙ، ظلم، زيادتين خلاف ۽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نعيم سندهو جي اڳواڻي ۾ مريم توپ چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي ويندي. ريلي ۾ اي ڊي سي ون رياض حسين وساڻ، اي سي مرزا وليد بيگ، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، ڊي ڊي سوشل ويلفئير غلام رضا پٺاڻ، حميد الله مهر، شجاعت احمد صديقي، علي گل ملاح، خادم شر، عنصر سندهو، ذيشان شيخ، ڪليم الله سومرو، رياض ملاح ڊي ڊي پاپوليشن انور علي ڦلپوٽو، حسنين شاهه، آصف فاروقي سان گڏ تعليم، صحت، سرڪاري، غير ڪاري کاتن جي آفيسر، اسڪولن جي استادن، شاگردن، اين جي اوز جي نمائندن، ريڊيو پاڪستان، روينيو، صحت، پوليس، سوشل ويلفيئر، صحافي، اسٽيڪ هولڊر، سماجي اڳواڻ، سول سوسائٽي، تاجران ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واڳيل سرڪرده ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد نعيم سندهو پريس ڪلب خيرپور تي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير جنت نظير آهي اڄ گڏ ٿيڻ جو مقصد ڪشميرين مٿان ڀارت جي ظلم خلاف ۽ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ڪرڻ آهي اسان ڪشميرين سان هر فورم تي سهڪار ڪنداسين. ڊي سي خيرپور چيو ته 1948 ۾ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قرارداد مطابق ڪشميرين کي پنهجو حق خوداراديت ملڻ کپي آزادي سان پنهنجي ملڪ ۽ رياست ۾ رهڻ ڪشميرين جو حق آهي جستائين ڪشميرين کي آزادي نٿي ملي تيستائين پاڪستان جو هر شهري هر سطح تي ڪشميرين سان گڏ آهي. ريلي کي ڊي ايچ او ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو، شجاعت احمد صديقي، اسڪول جي ٻارڙن انور علي، نيو سعيد آباد، سجاول، ٺٽو، نئون ديرو، ٽنڊو محمد خان، بدين، دوڙ، ڄامشورو، نوابشاھ، روهڙي، بلڙي شاھ ڪريم، سانگهڙ، دادو، ڪوٽڙي، ٽنڊو آدم ۾ ريليون ڪڍيون ويون. مٺي، عمرڪوٽ، سيوهڻ، سڪرنڊ، نوابشاھ، سامارو ڪنري  چمبڙ  ٽنڊوالهيار،  راڻيپور ، سکر.کوسڪي، ڪنڊيارو، نوشهروفيروز، جنگشاهي، عادلپور، ٽنڊو غلام علي، لاڙڪاڻو، ڏوڪري، شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، مورو، نصير آباد، شهدادپور، فريد آباد، رتوديرو، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون.  لنڊن ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي. لنڊن جي برطانوي پارليامينٽ ۾ ڪشمير ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ برطانوي اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ مقررن ڪشمير مسئلي جي تاريخي حيثيت تي روشني وڌي ۽ اتي جاري ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪيو. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي، جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن قرارداد ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اطهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي پيلٽ گنز فائرنگ سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي فوري طبي امداد ڏني وڃي. شرڪت ڪندڙن ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته مظلومن جو آواز برطانوي پارليامينٽ تائين پهچي ويو آهي، مودي سرڪار اجلاس روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي.  ٻئي طرف پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي خلاف ڀارت ۾ به آواز اٿي رهيو آهي لکين ڪشميرين جو آواز رائيگان نه ويندو ڪنهن بنيادي انساني حقن تحت معصوم ٻارڙن تي پيلٽ گن جي فائرنگ کي جائز سمجهيو پيو وڃي انهن ڏوهن جي جاچ لاءِ ڪميشن آف انڪوائري جو مطالبو ڪيون ٿا هو گذريل ڏينهن برطانوي پارليامينٽ ۾ آل پارٽيز پارليماني گروپ جي اهتمام هيٺ انٽرنيشنل ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو سينيٽ پرڏيهي معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر مشاهد حسين سيد جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ۽ برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي ڳچ انگ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن جي ڳچ انگ جي موجودگي نهايت فائديمند ۽ حوصلو ڏيندڙ آهي مان پارليامينت ميمبرن، چيئرمين آل پارٽيز پارليماني گروپ جو خاص طور تي ٿورائتو آهيان جو هن نهايت اهم موضوع تي بين الاقوامي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو هن ناروي جي اڳوڻي وزرياعظم مسٽر شيل بونزويڪ، اڳوڻي آسٽريلوي سينترل لي رينن ۽ ملائيشا جي اسلامڪ مشاورتي ڪائونسل جي خاص نمائندي داتڪ سري شيخ احمد آوانگ ۽ ٻين جا ٿورا مڃيا هن چيو ته آل پارٽيز پارلياماني گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اٿارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪا سٺي ڳالهه آهي هن چيو ته پارليماني گروپ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ نافذ ڀارتي ڪارا قانون ختم، پيلٽ گن جو استعمال روڪڻ جيلن کي معائني لا3 کوڳلڻ ۽ نامعلوم قبرن جي سڃاڻپ ڪرائڻ جي اهم نقطن تي زور ڀريو آهي هن چيو ته هڪ جمهوريت پسند انسان هئڻ سبب پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ڪشمير جي آزادي واري حق جو حامي ۽ هڪ اهڙي ملڪ جو پرڏيهي وزير آهيان جيڪو مسئلو ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شروع کان ڌر طور هلي رهيو آهي اسان انهن آزادي جي متوالن سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون جيڪي ظلم برداشت ڪري به پنهنجي حقن تان نه هٽيا آهن هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جنت نظير وادي ٻري رهي آهي انسانيت رتورت آهي هر گذرندڙ ڏينهن سان بيگناهه هٿين خالي ڪشميرين تي بي سبب فائرنگ ۽ رتوڇاڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن. ان موقعي تي سينيٽر ڊاڪٽر عاصف ڪرماني به شاهه محمود قريشي جي خطاب جي توثيق ڪندي چيو ته ڪشميرين کي ڏاڍ ذريعي سندس حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں