نائين مالياتي ايوارڊ جي جوڙجڪ لاءِ اڄ ويهڪ، سنڌ پاران ڪيس تيار، روينيو آڌار ناڻي ورڇ جي تجويز

1Shares

ڪراچي  / اسلام آباد  (چيف رپورٽر + بيورو رپورٽ)  نائين قومي مالياتي اروارڊ جي جوڙ جڪ بابت نيشنل فنانس ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. سنڌ سرڪار  پاران ڪيس تيار ڪيو ويو آهي. سنڌ جو وڏو وزير اجلاس  ۾ ناڻي وزير جي حيثيت ۾ شرڪت ڪري مالياتي ايوارڊ  جي جوڙ جڪ آبادي  بدران روينيو اوڳاڙي آڌار  ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ  ٿيندو.  اجلاس ۾ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ۽ خانگي ميمبر شرڪت ڪندا. ذريعن موجب  سنڌ جو وڏو وزير اجلاس ۾ سنڌ حڪومت پاران   نائين اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙجڪ بابت صوبي پاران ڪيس پيش ڪندو.  ذريعن جو چوڻ  آهي ته سنڌ حڪومت جي تيار ڪيل ڪيس ۾ ورڇ جوڳي پول مان صوبن ۾ ناڻي جي ورڇ بدران روينيو  اوڳاڙين آڌار ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جڏهن ته غربت ۽ پسماندگي  کي به شامل ڪرڻ جي حمايت ڪئي وئي اهي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي فنڊن مان ڪٽوتي  ڪري فاٽا کي 3  سيڪڙو فنڊ ڏيڻ جي پي ٽي آءِ حڪومت جي تجويز به  غور هيٺ ايندي، جنهن جي سنڌ سرڪار  واضح طور مخالفت ڪري چڪي آهي.  سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته ڇاڪاڻ ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ٿيڻ  جو قانون منظور ٿي چڪو آهي. ان لاءِ فاٽا کي ڌار فنڊ ڏيڻ ۽ ان لاءِ  صوبن جي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻ بدران ڪي پي ڪي جي فنڊ ۾ ان جي آبادي آڌار اضافو ڪيو وڃي. ٻئي طرف نواز شريف جو معائنو ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر محمود اياز جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو علاج پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي. سروسز اسپتال لاهور ۾ نواز شريف جو علاج ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه پروفيسر محمود اياز صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف کي بلڊ پريشر، شگر، گڙدن ۽ رت جي نسن جو مسئلو آهي، اسان نواز شريف جو تفصيلي معائنو ڪيو آهي، ان دوران سمورن شعبن جا سربراهه به ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل هئا. هن چيو ته نواز شريف جي سموريون ضروري ٽيسٽون ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ٽيسٽ رپورٽن بابت في الحال نٿا ٻڌائي سگهون، اسان سندس دوائن ۾ معمولي تبديلي ڪئي آهي، ميڊيڪل بورڊ تجويزون گهرو کاتي پنجاب کي اماڻيون آهن، جڏهن ته اسان گهرو کاتي کي سفارش ڪئي آهي ته نواز شريف جي دل جي مرض لاءِ اسپيشل طبي معائنو ڪيو ويو. سربراهه ميڊيڪل بورڊ جو چوڻ هو ته نواز شريف  جو علاج پاڪستان ۾ ئي ممڪن آهي ۽ ان کي شفٽ ڪرڻ جو حتمي فيصلو گهرو کاتو ڪندو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں