ڀارت سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اجازت ڏي: صدر عارف علوي

3Shares

مظفر آباد(م ڊ) صدر عارف علوي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبليجي اجلاس کي خطاب دوران ڀارت کان 8 مطالبا ڪري ڇڏيا. صدر چيو ته چيو ته ڀارت سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي اجازت ڏي ته جيئن ڪشميري پنهنجي ڳالهه ڪري سگهن. هن چيو ته معصوم ڪشميرين تي هٿيارن جو استعمال بند ڪيو وڃي، ڀارت ڪشميرين تي پيلٽ گن جو استعمال بند ڪري، جارحاڻا ڪارا قانون واپس ورتا وڃن، ڀارت ڪشميري قيادت کي پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ پرڏيهه ۾وڃڻ ڏي. سندس چوڻ هو ته انساني حقن جي مبصرن لاءِ والاريل ڪشمير جا رستا کوليا وڃن ته جيئن اهي پاڻ وڃي ڪشمير ۾ ڏسي سگهن ۽ ڀارت عالمي ۽ سوشل ميڊيا لاءِ ڪشمير جا رابطا کولي. خطاب دوران صدر چيو ته پاڪستاني حڪومت والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، ڪشميري عوام ڪنهن به قوت جو تسلط تسليم نٿو ڪري، پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندو، ڪشمير تي رڳو ڪشميرين جو حق آهي ۽ ان جي مستقبل جو فيصلو رڳو ڪشميرين کي ڪرڻو آهي. عارف علوي چيو ته صدين کان ڪشميري ڀائر ظلم سهندا پيا اچن، ڀارت ڀلي جيتري به ڪوشش ڪري، ڪشميرين جي آواز کي دٻائي نٿو سگهي، ظلم جو شڪار ڪشميري تاريخ رقم ڪندا پيا وڃن، والاريل ڪشمير ۾ به ڪارروائي ڪئي ويندي آهي ته انٽرنيٽ سروس بند ڪئي ويندي آهي، اتي ٿيندڙ هڪ هڪ ظلم جي تصوير دنيا جي سامهون آڻڻي پوندي. صدر عارف علوي چيو ته ڪشميرين جي حق خوداراديت جي بنا فرق جي حمايت ڪريون ٿا، ڀارت ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ سياستدان ڪشمير مسئلي کي فٽبال بڻائيندا آهن.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں