لاهور (بيورو) اڳوڻي وزيراعطم محمد نوازشريف جي علاج لاءِ جوڙيل 6 رڪني ميڊيڪل بورد جي سربراهه ۽ پرنسپل سروسز اسپتال پروفيسر محمود اياز نوازشريف جي دل جي اسپيشلائيز علاج جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته کيس بلڊ پريشر، شگر، بڪين ۽ رت جي نسن جو به مسئلو آهي سموريون سفارشون موڪلي ڇڏيون آهن ان کي پي آءِ سي شفت ڪرڻ جو آخري فيصلو گهرو کاتو ڪندو سروسز اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پروفيسر محمود اياز چيو ته اسان وٽ 3 ٽرمز آف ريفرنز هئا پهرين ڏينهن اسان نوازشريف جي تفصيلي چڪاس ڪئي، سمورن ڊپارٽمينٽس جا هيڊز ميڊيڪل بورڊ ۾ شامل هئا اسان نوازشريف جي چڪاس کان علاوه سندس رت، هارمون، دل، سٽي اسڪين ڪيا اسان نوازشريف جي بڪي جي ٽيڪسٽ ڪئي، ڄنگهن اکين، دماغ جي رت جي شريانن جي ٽيسٽ ڪئي اسان فائينل طبي تفصيلي چڪاس ڪئي آهي گهرو کاتي کي سموريون سفارشون موڪليون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن ڪنهن مريض جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي اسان آئيني طور تي ٽيسٽ جي رپورٽ ڪنهن کي نٿا ٻڌائي سگهون سڀ کان پهريان مريض ۽ ان کان پوءِ وارثن کي رپورٽ بابت ٻڌايو وڃي ٿو هن چيو ته ميان نوازشريف کي بلڊ پريشر، شڪر بڪين جو مسئلو رت جي نسن جو مسئلو آهي ۽ سندس دوائن ۾ به ٿورڙي مٽاسٽا ڪئي ويئي آهي هن چيو ته سفارش ڪئي آهي ته سندس دل جي بيماري لاءِ اسپيشلائيزڊ طبي چڪاس ڪئي وڃي کيس پي آ ءِ سي شفٽ ڪرڻ جو اخري فيصلو گهرو کاتو ڪندو. پروفيسر ڊاڪٽر محمود اياز چيو ته نوازشريف جو علاج پاڪستان ۾ ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته صحت ڪارڊ اسان جي دور جو منصوبو آهي، حڪومت اسان جي منصوبن تي پنهنجو ليبل هڻي رهيو آهي. لاهور جي سروسز اسپتال ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب معيشت جو خراب حال آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر مون کي چون ٿا ته ٽينشن نه ڪيو، اها ڳالهه انهن کي ڪرڻ گهرجي جيڪي مون کي ٽينشن ڏئي رهيا آهن. نواز شريف چيو ته صحت ڪارڊ اسان جي دور جو منصوبو آهي، حڪومت اسان جي منصوبن تي پنهنجو ليبل هڻي رهي آهي. هوڏانهن مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف چاهي ٿو ته کيس واپس جيل موڪليو وڃي الله ميان صاحب کي صحت ڏي گذريل ڏينهن مريم نواز پنهنجي پيءُ اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي عيادت لاءِ سروسز اسپتال پهتو ته صحافي جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميان صاحب خود چاهي ٿو ته کيس جيل واپس موڪليو وڃي مريم نواز صحافي جي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته الله تعاليٰ ميان صاحب کي صحت ڏي. ٻئي طرف (ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت پاران ڊيل جي ڳالهه ٿي رهي آهي ڪنهن سان ڊيل ٿي رهي آهي اهو به ٻڌائي نوازشريف دل جو مريض آهي ۽ سندس خاندان جي ماڻهن کي ڳڻتي آهي اسان چاهيون ٿا ته ميان صاحب جو ٻاهرين ملڪ ۾ علاج ٿئي ڇو ته اتي ڊاڪٽر سندس هسٽري ڄاڻن ٿا اهڙن خيالن جو اظهار هن محمد نوازشريف جي عيادت لاءِ سروسز اسپتال آمد جي موقعي تي ميڊيا سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو رانا تنوير حسين چيو ته نوازشريف جو لنڊن ۾ باءِ پاس ٿي چڪو آهي هو دل جو مريض آهي جيڪڏهن دل جي بيماري آهي ته نوازشريف کي هتي ڇو آندو ان تي سندس خاندان جي ماڻهن ۽ اسان کي ڳڻتي آهي. نوازشريف هڪ کان وڌيڪ مرضن ۾ وڪوڙيل آهي اسان چاهيون ٿا ته ميان صاحب جو ٻاهرين ملڪ ۾ علاج ٿئي جيڪڏهن عدليه کان رليف ملي رهيو آهي ته ان کي ڊيل سان تشبيهه ڏيڻ مناسب نه آهي حڪومت جي وزيرن جا بيان اخلاق کان ڪريل آهن ميان صاحب پهريان ئي تڪليف ۾ آهي حڪومتي وزير کيس وڌيڪ تڪليف ڏيئي رهيا آهن. ميان صاحب جون رپورٽون اطمينان جوڳيون هجڻ جو مطلب اهو نه آهي ته کيس تڪليف نه آهي هن چيو ته ميان صاحب جو حوصلو بلند آهي نوازشريف کي ڳڻتي آهي ته ملڪ ڏينهون ڏينهن هيٺ ايندو پيو وڃي رانا تنوير هسين چيو ته عمران خان جي تبديلي عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي ٻين ملڪن کان قرض وٺڻ باوجود ملڪ جي معيشت مستحڪم نه پئي ٿئي ۽ معاشي ريٽنگ گهٽجندي پئي وڃي اڄ ملڪ جو ڪوئي والي وارث نه آهي هن چيو ته صحت ڪارڊ نئين بوتل ۾ پراڻي شراب برابر آهي اسان جي دور ۾ صحت ڪارڊ جاري ٿيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟