رمشا قتل ڪيس ۾ پوليس جو نواب وساڻ جي گهر تي ڇاپو، بورچي گرفتار،مک جوابدار هٿ نه آيو

1Shares

ڪوٽڏيجي (ن هه) ڪنب ويجهو اغوا بعد موٽائي قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ۽ ساٿارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ پوليس مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. 5 ڏينهن اڳ ڳوٺ پير گڊو ۾قتل ڪيل ناري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ پوليس دلچسپي ختم ڪري ٿاڻي تائين محدود ٿي وئي. پوليس طرفان عملي طور دلچسپي نه وٺڻ سبب نامزد مک جوابدار ذوالفقار وساڻ ۽ سندس 4 ساٿاري  5 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل پهرين ڏينهن دعويٰ ڪئي هئي ته جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيو ويندو، پر ان تي 5 ڏينهن  گذرڻ کانپوءِ به عمل نه ٿي سگهيو آهي. پوليس ڳوٺ پير گڊو ۽ نواب وساڻ ۾ ڇاپا هڻي وڌيڪ 15 شڪي گرفتار ڪري ورتا. خيرپور پوليس رمشا وساڻ جي قتل ڪيس ۾ وڏي وزير جي خاص معاون نواب وساڻ جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس باورچي امتياز وساڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب اي ايس پي سٽي خيرپور ڊاڪٽر عمران جي اڳواڻيءَ ۾ صبح جو سوير پوليس اٽالن نواب وساڻ جي خيرپور واري بنگلي تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران نواب وساڻ جي باورچي امتياز وساڻ کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس کي ڄاڻ ملي ته امتياز وساڻ رمشا قتل ڪيس جي مُک ڪردار ذوالفقار وساڻ سان فون تي رابطن ۾ هو، اهڙي نشاندهي کانپوءِ پوليس وڏي وزير جي خصوصي معاون نواب وساڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو. وڏي وزير جي خصوصي معاون نواب وساڻ روزاني ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس سندس بنگلي تي ڇاپو نه هنيو آهي، باقي امتياز وساڻ جي گرفتاري جي حوالي سان کيس ڄاڻ نه آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں