ڪنب ۾مندر کي باهه ڏئي ساڙڻ خلاف هندو برادري جو احتجاج، ڌرڻو

4Shares

ڪوٽڏيجي ( ت ر ) :ڪنب ۾ شرپسندن پاران مندر ۽ هندو برادري جي مذهبي ڪتابن کي ساڙڻ تي آل هندو ڪميٽي ڪنب پاران احتجاجي مظاهروڌرڻو، نواب علي وساڻ متاثرين وٽ پهچي ڌرڻو ختم ڪرائڻ کانپوءِ مندر جو جائزو ورتو ان موقعي تي نواب علي وساڻ خطاب ڪندي چيو آهي ته مندر تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ڪنهن جي عبادتگاهه ۽ پاڪ ڪتابن کي ساڙڻ ڪريل حرڪت آهي پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه هندو برادري سان گڏ رهي آهي ۽ هميشه رهندي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو اسان جا ڀائر آهن، مندر ۽ هندو برادري جا پاڪ ڪتاب ساڙيندڙن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ٻئي طرف ڪنب ۾ هندو برادري جي مندر ۾ لڳل باھ واقعي بعد اقليتي برادري جو ايم اين اي رميش لعل ڪنب پهتو واقعي بابت معلومات ورتي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي رميش ڪمار چيو ته لڳل باھ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا آهن پ پ قيادت کي آگاهي ڏني آهي باھ سازش تحت ڏني وئي آهي اسان هر مذهب جو احترام ڪندا آهيون هندو برادري سان ناجائزي برداشت نه ڪئي ويندي  پي ٽي آء کي اهڙن مسئلن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي عمران خان جو نئون پاڪستان ڪٿي به نظر نٿو اچي عوام سان ڪيل واعده پي ٽي آء جا وفا نه ٿي سگهيا آهن جڏهن ته ڊي آء جي سکر اقبال دارا ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل خان پڻ ڪنب پهچي مندر کي لڳل باھ جا تفصيل ورتا ۽ تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ديوان ڪميونٽي کي يقين ڌياني ڪرائي.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں