جي ايس ٽي اوڳاڙي صوبن حوالي ڪئي وڃي، وفاق 104 ارب روڪيو ويٺو آهي، ڪم ڪيئن ڪريون؟ وڏو وزير

3Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي  حڪومت هن سال وفاقي ورڇ ۾ 104 ارب رپين جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اهڙي کوٽ سان اسانجو ڪيش فلو ۽ ترقيءَ وارا ڪم متاثر ٿي رهيا آهن. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن نيشنل ڪميونٽي ڪنوينشن ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، ڪنوينشن جو اهتمام هينڊز پاران گڏاپ ۾ ڪيو هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن سال وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي حصي مان 104 ارب رپيا گهٽ منتقل ڪيا آهن. انهن هن سال فنڊ وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر اهو پهريون ڀيرو آهي ته وفاق کان 266 بلين رپيا ملڻ بدران رڳو 256 بلين رپيا مليا آهن جيڪي گذريل سال کان به گهٽ آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت گذريل سال 90 ارب رپيا گهٽ ڏنا آهن هاڻي اهي وڌيڪ ڪري 104 ارب رپيا ٿي ويا آهن ۽ اهو ستن مهينن جو حساب آهي جڏهن ته هڪ مهينو اڃا به وڌي ويو. گذريل سال 2018ع ۾ اسان کي وفاقي حڪومت پاران 56 بلين رپيا مليا هئا هن سال 38 بلين رپيا مليا آهن، اوهان ان مان اندازو لڳايو اهڙي ريت گهٽتائي ٿيندي ته اسان ڪيئن ڪم ڪري سگهنداسين. مان ترقياتي ڪمن لاءِ اڳتي وڌي رهيو هيم پر مونکي روڪيو ويو هاڻي ته ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته وفاقي حڪومت پنهنجا هدف مڪمل ناهن ڪيا ۽ اهي چئي رهيا آهن ته صوبائي حڪومت جيڪي ٽيڪسز گڏ ڪندي آهي اهي به هاڻ اسان کي وٺڻ گهرجن. گذريل 5 سالن ۾سنڌ حڪومت جيڪي سيلز ٽيڪس، جنرل سيلز ٽيڪس، ايڪسائيز، ايگريڪلچر ۽ انڪم ٽيڪس وغيره شامل آهن انهن ۾ 22 سيڪڙو ساليانو واڌ ٿي ۽ وفاقي حڪومت رڳو 8 سيڪڙو اضافو ڪيو. هاڻي اهي اسان کي اهو به وٺڻ چاهن ٿا. اين ايف سي بابت اڄ صبح به مون اجلاس گهرايو هو ۽ سمورن ٽيڪس ڪليڪشن وفاق وٽ هجن ها ته اسان جو ڇا حال ڪيو وڃي ها؟. صوبو بهتر ريت ٽيڪس گڏ ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته صوبو صارف جي ويجهو آهي، سيلز ٽيڪس مڪمل طور تي صوبن کي ڏيڻ گهرجي. صحافين جي جيتري حد تائين ڳالهه آهي وفاقي حڪومت ۽ سندس ادارا سامهون اچي ويندا آهن. حڪومتون سندن جائز خرچ ڪرڻ کان به ڪيٻائي رهيون آهن. وفاقي حڪومت ميڊيا هائوسز بابت سوچي به نه رهيون آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت تمام سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي ۽ ان تي ڪم ڪري رهي آهي. چيئرمين پاڪستان بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي پريس ڪلب ويو هو، ان پڻ صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير چيو ته اسان ميڊيا جون رهتون ادا ڪنداسين پر شرط اهو آهي ته صحافين کي پگهارون ادا ڪيون وڃن.انهيءَ کان پهرين نيشنل ڪميونٽي ڪنوينشن کا خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت هينڊز جي چيف ڊاڪٽر غفار بلو سان گڏ نرسنگ انسٽيٽوٽ جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار ڪندي ۽ سندن مالي طور تي استحڪام لاءِ ڪم به ڪيو ويندو. مراد علي شاهه هينڊز پاران صحت وارين خدمتن جي واکا ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اوهان سان صوبي ۾ صحت وارين خدمتن ۾ اوهان جي ڀائيوار آهي ۽ مونکي پڪ آهي ته اسانجي ان ڀائيواري جا سٺا ۽ پائيدار نتيجا نڪرندا. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي موجد آهي ۽ سندس حڪومت روڊ سيڪٽر ۾ پي پي پي موڊ تحت ڪم شروع ڪيا ۽ ان ۾ تعليم، صحت ۽ هاڻ انرجي واري شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي. سنڌ هينڊز پاران ڪميونٽيز کي موبيلائيز ڪرڻ ۽ 2030ع جي ترقياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي حوالي سان ڪميونٽي ليڊر پيدا ڪرڻ وارين خدمتن کي ساراهيو. هن بهترين موبيلائيزس وچ ۾ ايوارڊ به ورهايا ۽ هن ڪنوينشن ۾ هينڊز جي مختلف ضلعي يونٽس جي پاران قائم ڪيل مختلف اسٽالن جو پڻ دورو ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه صبح اٺين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ صوبائي حڪومت جي سفارشن جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. هن سندس عزم جو پڪو پهه ڪيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اها جي ايس ٽي گڏ ڪرڻ جو اختيار صوبن کي ڏئي.

3Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں