مضبوط حڪمت عملي سان ملڪ دشمن عنصرن جون سازشون ناڪام بڻائينداسين: آرمي چيف

2Shares

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جون سازشون ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان خلاف سازشون ناڪام بڻائينداسين. پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ جيواسٽراٽيجڪ صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪانفرنس ۾ علائقائي امن خاص طور افغان مفاهمتي عمل تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو . ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ڪنٽرول لائن ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج طرفان فائربندي جي ڀڃڪڙين جو جائزو به ورتو ويو ۽ والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين ۽ ڀارتي ظلم تي پڻ ڳالهايو ويو . ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين جو به جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن عنصرن جون سازشون ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان خلاف سازشون ناڪام بڻائينداسين. آرمي چيف چيو ته آپريشن ردالفساد تحت استحڪام آندو پيو وڃي، مضبوط قومي حڪمت عملي تحت پاڪستان خلاف هر سازش ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، ملڪ جي بهتر سيڪيورٽي صورتحال جا فائدا سماجي ترقي ذريعي عوام تائين پهچڻ گهرجن. ڪور ڪمانڊرز علائقائي سلامتي ۽ افغانستان ۾ امن لاءِ مصالحتي عمل ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں