ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ هل هنگامو، شور شرابو، معمول بڻجي ويو، سومر ڏينهن ايوان جي ڪارروائي چئن ڏينهن جي وقفي بعد جڏهن ٻيهر شروع ٿي ته ايوان ۾ هڪ دفعو ٻيهر احتجاج، هل هنگامو ۽ نعريبازي جو سلسلو شروع ٿي ويو، هنگامه آرائي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهن پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر طاهره بتول کي رمشا وساڻ قتل ڪيس بابت قرارداد پ پ جي هڪ ميمبر کان پهريان پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري پ پ جي ذوالفقار شاهه کي التوا واري تحريڪ پيش ڪرڻ جي رولنگ ڏئي چڪي هئي جنهن تي اپوزيشن جي نشستن تي ويٺل ميمبرن هنگامه آرائي ۽ نعريبازي شروع ڪري ڇڏي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اپوزيشن وارا خبر ناهي ڇو هل هنگامو ۽ رولز جي عمل ناهن ڪندا. جي ڊي اي جي پارلياماني اڳواڻ حسنين مرزا ڊپٽي اسپيڪر سان مخاطب ٿيندي چيو ته ميڊم توهان جا به ٻچا آهن ۽ اسان جا به، توهان ماءُ جي حيثيت ۾ ان اشو کي ٽيڪ اپ ڪريو جنهن تي ريحانه لغاري چيو ته مون توهان کي منع ناهي ڪيو، بزنس کي مڪمل ڪرڻ ڏنو وڃي ان بعد قرارداد پيش ڪئي وڃي. حسنين مرزا چيو ته اهم موضوع تي اسيمبلي بزنس معطل ڪري سگهجي ٿو، ان دوران اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن وچ ۾ ڊيسڪون وڄائڻ ۽ بزنس هلائڻ، نه هلائڻ تي مقابلو شروع ٿي ويو جنهن سبب ايوان ۾ شور شروع ٿي ويو ۽ ميمبر هڪٻئي جو آواز به ڪونه پئي ٻڌي سگهيا. ايوان مڇي مارڪيٽ وارو منظر پيش ڪرڻ لڳو. پ پ جي منور وساڻ اپوزيشن جي رويي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هي هڪ سازش تحت ماحول خراب ڪري رهيا آهن جنهن تي اپوزيشن جي ميمبرن (هم نهين مانتي ظلم کي ضابطي) جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. احتجاج دوران اپوزيشن ميمبر پنهنجي نشستن تي اٿي بيهي رهيا پر پوءِ به ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آئون بزنس ڪال ڪري چڪي آهيان، ذوالفقار شاهه پنهنجي مهملي واري رٿ پيش ڪندو، ان موقعي تي ميرپور خاص ۾ حيسڪو پاران اوور بلنگ تي پ پ جي ذوالفقار شاهه پنهنجي التوا واري تحريڪ پيش ڪئي پر ان دوران به ايوان ۾ هل هنگامو جاري رهيو، هنگامي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني پنهنجي سيٽ تي واپس اچي ويو ۽ هن اپوزيشن ميمبرن کي خاموش ٿيڻ ۽ پنهنجي نشستن تي ويهڻ جي هدايت ڪئي پر ان جي اهڙي هدايت جو ڪو اثر نه پيو. ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن پاران رمشا وساڻ جي قتل ڪا جواب دو جا نعرا به لڳندا رهيا. اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته جڏهن ڪنهن انسان جو قتل ٿئي ته اهو اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ماڊل ٽائون سانحو هجي يا ساهيوال واقعو يا وري خيرپور ۾ نينگري جو قتل، هي وڏي اهميت جوڳا واقعا آهن. اسيمبلي ۾ انسانيت تي پهريان ڳالهه ٿيڻ گهرجي. هنگامي دوران جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي به مائيڪ بند هجڻ سبب رڙيون ڪندي ڳالهائڻ شروع ڪيو جنهن تي آغا سراج دراني چيو ته مون تي نه چيڪ تون جڏهن به هائوس ۾ هوندي آهين ته هائوس کي ڊسٽرب ڪندي آهين، تون ويهي رهه، مون تي آڱريون نه کڻن، اسپيڪر آغا سراج دراني نصرت سحر عباسي کي سخت دڙڪو ڏيندي چيو ته تون مون کي ڊيڄاري نٿي سگهين، اسيمبلي ۾ سخت شور شرابي دوران اسپيڪر اجلاس ايندڙ خميس 7 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟