لاهور(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ساهيوال سانحي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت وزيراعظم عمران خان کان خميس تائين جواب طلب ڪيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سردار شميم احمد خان جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي جوڙڻ خلاف ۽ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ بابت متفرق درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي سربراهه ڊي آءِ جي اعجاز شاهه پيش ٿيو. جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي دليلن تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ وڪيل کي باور ڪرايو ته جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ حڪومت جو ڪم آهي، ساڳيو ئي مجاز فورم آهي، عدالت اها ڪميشن جوڙي نه ٿي سگهي. وڪيل بئريسٽر احتشام نشاندهي ڪئي ته ماڊل ٽائون سانحي جي معاملي تي جوڊيشل ڪميشن ڪميشن جوڙي وئي هئي جنهن تي چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ وڪيل کي باور ڪرايو ته هاڻي قانون تبديل ٿي چڪو آهي، هاڻي قانون مختلف آهي. عدالت جي آءِ ٽي جي سربراهه کان پڇاڻو ڪيو ته توهان فائل کڻي آيا آهيو جنهن تي جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته فائل جاچ آفيسر وٽ آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وفاقي سرڪار جي وڪيل کي جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي معاملي تي وزيراعظم کان هدايتون وٺي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عدالتي حڪمن تي ساهيوال واقعي جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي شديد ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ قرار ڏنو ته عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ عجيب ڳالهه آهي. عدالت جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ بابت وفاقي سرڪار کان جواب طلب ڪندي خميس تائين جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت رپورٽ طلب ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟