لاهور(بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته نوازشريف حڪومت کان نه اين آر او گهريو آهي ۽ نه ئي ڊيل ڪنداسين نوازشريف ڇا پنهنجي زال جي لاڏاڻي ۽ ڌيٰ سميت جيل وڃڻ کان پوءِ ڊيل ڪندو ايئن ڊيل ناهي ٿيندي نوازشريف دل جو مريض اهي پر کيس ان اسپتال ۾ رکيو ويو آهي جتي دل جو وارڊ ئي نه آهي ملڪ جي اهم قومي اڳواڻ سان اهڙو ورتاءُ مذمت جوڳو آهي ڪنهن جي بيماري کي سياست جو موضوع نه بنائڻ گهرجي نوازشريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ شخص سان اهڙي ورتاءُ سان ٻاهرين دنيا ۾ ڪو سٺو پيغام نه پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار سردار اياز صادق ۽ احسن اقبال سروس اسپتال ۾ علاج هيٺ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي عيادت لاءِ اچڻ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو اياز صادق چيو ته نوازشريف جي صحت ٺيڪ نه آهي تنهنڪري ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو جنهن ان سان سومر ڏينهن ملاقات ڪئي آهي هن چيو ته نوازشريف کي ذهني طور تي ٽارچر ڪيو پيو وڃي سندس خواهش آهي ته کيس واپس ڪوٽ لکپت جيل موڪليو وڃي ۽ هو علاج لاءِ اسپتال به نه پئي اچڻ چاهيو جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرٽنڊننٽ چيو ته اوهان کي هر حال ۾ اسپتال کڻي وڃڻو پوندو هن چيو ته نوازشريف دل جو مريض آهي پر کيس ان اسپتال ۾ آندو ويو آهي جتي ڪارڊيڪ وارڊ ئي نه آهي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هتي ڇو رکيو ويو آهي نوازشريف جي معاملي ۾ ڪرپشن جو ڪوئي اشو نه آهي پر ان سان جيڪو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي جيڪڏهن ان جڳهه تي ڪو ٻيو به هجي ها ته ان جي ذهن تي بار هجي ها ۽ جنهن ذهني ازيت مان هو لنگهي رهيو آهي ان ازيت کي ٻيو ڪوبه سمجهي نه ٿو سگهي هن نوازشريف پاران ڊيل جي حوالي سان چيو ته نوازشريف ڪنهن حڪومت سان ڊيل جي ڳالهه نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن حڪومت کان اين آر او گهريو آهي احسن اقبال چيو ته تهريڪ انصاف سياست ۾ نفرت کي ان حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي جو هر مسئلي کي مذاق بڻايو پيو وڃي نوازشريف جي هارٽ سرجري ۽ ڪلثوم نواز جي بيماري کي به مذاق بڻايو ويو جڏهن مون تي قاتلاڻو حملو ٿيو ته ماڻهن کي ڪنفيوز ڪرڻ لاءِ منهنجي ڪڏهن کاٻي ٻانهن جي پٽي ته ڪڏهن ساڄي ٻانهن جي پٽي بڻايو پيو وڃي سڀني کي خبر آهي ته شهبازشريف ڪينسر جهڙي مرض جو مقابلو ڪيو جيتوڻيڪ ڪنهن کي هي مرض لڳي به وڃي ته هو سڄي زندگي سڌو نٿو ٿي سگهي ان جي باوجود شهبازشريف بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ملڪ به خدمت به ڪئي ڪنهن جي بيماري کي سياست جو موضوع نه بڻايو وڇي هن چيو ته نوازشريف جي علاج جي معاملي تي غفلت ۽ لاپرواهي مذمت جوڳو عمل آهي مهذب ملڪن ۾ اهڙو ورتاءُ ڪنهن دشمن سان به ناهي ڪيو ويندو نوازشريف جيل ۾ سخت گرمي ۽ سخت سردي برداشت ڪندو رهيو آهي نوازشريف ڪوئي قاتل نه آهي پر سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن شيخ رشيد ۽ فواد چوڌري جي حوالي سان چيو ته مان سندن ڪنهن جملي جو جواب ڏيڻ به توهين سمجهان ٿو انهن جي جهڙي نموني تربيت ٿي آهي منهنجي اهڙي تربيت نه آهي جو مان ڪنهن دشمن لاءِ به اهڙي قسم جا لفظ ڳالهايان هن چيو ته زال جي لاڏاڻي ۽ ڌيءَ سميت جيل وڃڻ کان پوءِ ڊيل ٿيندي؟ ايئن ڊيل ناهي ٿيندي نوازشريف هميشه اصولن جي سياست ڪئي آهي ۽ هو هميشه ان تي عمل ڪندو رهيو آهي ان جو حق آهي ته کيس انصاف ملي ۽ اسان کي پوري اميد آهي ته اسان کي عدالتن مان انصاف ملندو ۽ هو آزاد ٿيندو ان وقت ضرورت آهي ته جنهن ڊاڪٽر ان جي سرجري ڪئي آهي ان سان ڪنسلٽ ڪيو وڃي هو هڪ سينيئر سياستدان ۽ هن ملڪ جو اثاثو آهي پر نهايت قومي اڳواڻ جي علاج ۾ انتهائي درجي جي لاپرواهي جي مسلم ليگ (ن) مذمت ڪري ٿي ۽ اسان مطالبو ڪيون ٿا ته کيس دل جي طبي ماهرن جي نگراني ۾ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف سان سروسز اسپتال ۾ سندس ڀاڻيجي محسن لطيف ملاقات ڪري خيريت معلوم ڪيو محسن لطيف نوازشريف لاءِ ناشتو به آندو ان حوالي سان محسن لطيف چيو ته بيماري سبب نوازشريف صحيح نموني سان خوراڪ نه پيو کائي ۽ ان ناشتي ۾ صرف پپيتو کاڌو هن چيو ته نوازشريف جي علاج جي معاملي تي اسان کي خدشا آهن دل جي بيماري جي ڪري نوازشريف ٻين بيمارين جو به شڪار ٿي رهيو نوازشريف جي دل جي علاج جي معاملي تي عملي قدم ناهن کنيا وي ۽ پي آءِ سي جا ڊاڪٽر نوازشريف جي علاج جي معاملي تي محتاط نظر اچن محسن لطيف چيو ته ڊيل جي ڳالهين تي به نوازشريف سان ڳالهه ٻولهه اڄ اهي ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن جيڪي ڪلثوم نواز جي بيماري جي موقعي تي ٿينديون هيون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟