آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو

1Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب آصف زرداري ۽ ٻين بااثر جوابدارن خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ڪراچي مان اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪراچي جي بينڪنگ عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ اربين رپين جي ميگا مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ نيب ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب سنڌ جي ٽيم بينڪنگ عدالت ۾ ڪراچي کان اسلام آباد ڪيس منتقل ڪرڻ جي اپيل داخل ڪئي، جڏهن ته نيب چيئرمين جاويد اقبال ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کي به ڪيس منتقلي جي منظوري جي درخواست اماڻي وئي آهي. نيب موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، عدالتي فيصلي جي روشني ۾ ڪيس منتقل ڪرڻو آهي، نيب چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل نيب ڪيس جي منتقلي تي غور ڪري رهيا آهن، ان لاءِ ان حوالي سان عدالت کي اطلاعاتي رپورٽ ڏئي رهيا آهيون. واضح رهي ته سنڌ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس بينڪنگ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جنهن ۾ انور مجيد، عبدالغني مجيد، حسين لوائي ۽ طحيٰ رضا گرفتار آهي، جڏهن ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ان ۾ ضمانت ورتي آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں