عائشا عمر جو سندس لباس تي تنقيد ڪندڙن کي جواب

6Shares

ڪراچي (شوبز نيوز) شوبز شخصيتن کي پنهنجي مصروف زندگي مان ڪجهه وقت ملندو آهي ته هو ملڪ توڙي پرڏيهه تائين سفر ڪري خوبصورت هنڌن تي ڇٽيون ملهائينديون آهن. اهڙي ريت اداڪاره عائشه عمر به هن وقت ميڪسيڪو ۾ موڪلون ملهائي رهي آهي، جتي هن سمنڊ ڪناري هڪ پارٽي دوران ڪجهه اهڙو لباس پهري شرڪت ڪئي جو سندس تصويرون انٽرنيٽ تي وائرل ٿي ويون. ماڻهن اداڪاره تي سندس لباس سبب سخت تنقيد ڪئي، هاڻ عائشه عمر به انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. عائشه عمر پنهنجي حق ۾ ڳالهائيندڙن جو ٿورا مڃيندي لکيو ته “نفرت پکيڙيندڙ انهن ماڻهن وچ ۾ اوهان جهڙا ماڻهو ئي آهن، جن جي ڪري اسان کي همت ملي ٿي. جيڪڏهن ڪو شخص مختلف لباس پهري ٿو ته ان جو اهو مقصد هرگز ناهي ته هو بيوقوف آهي، اهو لباس هڪ ڪاسٽيوم پارٽي جي ڪري پهريو هو ۽ ان ۾ ڪا به بري ڳالهه نه هئي، خراب ڳالهائيندڙ پنهنجو وات خراب ڪري رهيا آهن.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں