آسٽريليا سريلنڪا کي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو

1Shares

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ڪينبرا ٽيسٽ ۾ سريلنڪا کي 366 رنسن تان بدترين شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو. آسٽريلوي گادي واري شهر ڪينبرا ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سريلنڪن ٽيم جي سامهون 516 رنسن جو جبل جيڏو هدف هيو، جڏهن ته بنا ڪنهن نقصان جي 17 رنسن تان ٽيم چوٿين ڏينهن راند شروع ڪئي. مچل اسٽارڪ ۽ ڪيمنز مهمان رانديگرن کي گهڻي مهلت ئي نه ڏني، رڳو 149 رنسن تي پوري ٽيم پويلين موٽي وئي. سريلنڪا جي مينڊس 42 ۽ ٿريماني 30 رنسن سان نمايان رهيا. آسٽريلوي بالر ڪمينز 3 رانديگرن کي پويلين موڪليو. مچل اسٽارڪ ٻي اننگز ۾ به 5 ۽ ميچ ۾ 10 وڪيٽون حاصل ڪيون. 366 رنسن جي فتح سان ميزبان آسٽريليا ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 0-2 تان کٽي ورتي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں