ڊيرن سيمي پي ايس ايل فور جي ٽرافي تي نظرون ڄمائي ورتيون

1Shares

اسلام آباد/پشاور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل ٽيم پشاور زلمي جي ڪپتان ۽ ويسٽ انڊيز جو آل رائونڊر ڊيرن سيمي پنهنجي فرنچائز جي آفيشل گيت ۽ ڪٽ جي مهورتي تقريب ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڊيرن سيمي جو پشاور زلمي جي چيئرمين جاويد آفريدي ڀرپور استقبال ڪيو. رپورٽن مطابق گذريل پي ايس ايل جي فائنلسٽ ٽيم پشاور زلمي جي چوٿين ايڊيشن لاءِ ڪٽ ۽ آفيشل گيت جي لانچنگ تقريب اڄ گورنر ه ائوس پشاور ۾ ٿيندي. ڪٽ ۽ گيت جي مهورتي تقريب ۾ ڪپتان ڊيرن سيمي به موجود هوندو، جڏهن ته پشاور زلمي ٽيم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز کان ايندڙ ڪپتان ڊيرن سيمي آرمي پبلڪ اسڪول به ويندو. ٻئي طرف پشاور زلمي جو ڪپتان ڊيرن سيمي پي ايس ايل فور جي ٽرافي تي نظرون ڄمائي ورتيون آهن ۽ هو چوي ٿو ته سندس سمورو ڌيان فائنل تي آهي. ڊيرن سيمي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پشاور مهمان نوازن جو شهر آهي ۽ زبردست آجيان ڪرڻ تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان،  سفر سبب تمام گهڻو ٿڪل هئس پر پشاور وارن جي محنت ڏسي دلي خوشي ٿي. پي ايس ايل جي چوٿين ايڊيشن بابت سيمي چيو ته ٽائٽل کٽڻ لاءِ پراميد آهيان. جڏهن ته سمورو ڌيان فائنل تي آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں