وزيراعظم ساهيوال سانحي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، گئس بلن ۾ واڌ جي جاچ جو حڪم

6Shares

لاهور (بيورو) وزيراعظم عمران خان ساهيوال سانحي تي جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، جتي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ساڻس ملاقات ڪري کيس ساهيوال واقعي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو، ان کانپوءِ عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري، اوورسيز پاڪستانيز وزير سيد ذوالفقار بخاري، صحت واري وزير ڊاڪٽر عامر ڪياني، سينيئر وزير عليم خان، زراعت واري وزير ملڪ نعمان لنگڙيال، هائوسنگ واري وزير محمود الرشيد، ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، آبپاشي وزير محمد محسن لنگڙيال، صنعت واري وزير محمد اسلم اقبال، نعيم الحق ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. عثمان بوزدار وزيراعظم کي پوليس ۾ سڌارن بابت بريفنگ ۽ پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال بابت تفصيلي آگاهي ڏني. وزيراعظم ساهيوال سانحي تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته متاثر خاندان جي هر ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ جيڪڏهن اهي جڊيشل ڪميشن تي مطمئن ٿين ته ان تي به غور ڪيو وڃي، متاثر خاندان سان پوليس جي رويي جي به نگراني ڪئي وڃي.  عمران خان متاثر خاندان جي ڪينسر جي ڪينسر ۾ مبتلا مريض جي علاج لاءِ به هدايتون جاري ڪيون.ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم هڪ ڏينهن جي دوري تي پنجاب پهتو، جتي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ گورنر چوڌري سرور ساڻس ملاقات ڪئي.، جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان کانسواءِ وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کان ساهيوال سانحي جي جاچ جي حوالي سان ڄاڻ به حاصل ڪئي. عمران خان جي صدارت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف ميڊيا اسٽريٽيجڪ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، سڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ، سينيئر وزير عليم خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم پنجاب حڪومت طرفان شروع ڪيل ترقياتي منصوبن کي ميڊيا ۾ اثرائتي طريقي سان واضح ڪرڻ ۽ حڪومتي قدمن جو بچاءُ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عمران خان کي فياض الحسن چوهاڻ صوبي ۾ اختيار ڪيل ميڊيا حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس بلن ۾ اضافي جو نوٽيس وٺندي پيٽروليم واري وزير کي انڪوائري جو حڪم ڏنو. عمران خان جو چوڻ هو ته گئس جي اگهن ۾ واڌ برداشت جوڳي ناهي، ڇو ته ان سان واهپيدار سڌي ريت متاثر ٿي رهيا آهن.ٻئي طرف وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم وٽ اجلاس ۾ پنجاب پوليس ۾ سڌارا آڻڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعليٰ عثمان بوزدار ساهيوال سانحي تي بريفنگ ڏني، گئس جي واڌو بلن بابت شڪايتن تي وزيراعظم انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي، گئس جا اگهه غريبن لاءِ نه وڌايا ويا آهن. هن چيو ته اڄ کان صحت ڪارڊ شروع ڪيا ويندا، 7 کان 8 رپين تائين علاج ڪرائي سگهبو.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں