ڪراچي ۾ 292 پلازا، هوٽلون، شادي هال، اسڪول ۽ بئنڪون غير قانوني ڪمرشل سرگرمين ۾ ملوث، فائنل نوٽيس جاري

1Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي اختيارن سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي شاهراه فيصل ،طارق روڊ ، راشد منهاس روڊ، يونيورسٽي روڊ، شاهراه پاڪستان، ناظم آباد، شير شاهه روڊ، شاهراه جهانگير، خيابان اقبال، خالد بن ولديد روڊ، جمال الدين افغان روڊ،شهيد ملت روڊ، چوڌري خليق الزمان روڊ، نشتر روڊ، عالمگير روڊ ۽ شاهراه نور تي اڏيل 292 پلازائن . هوٽلن،بينڪن ، شادي هالن، شاپنگ مالن، اسٽيٽ ايجنسين ، ڪار شورومن کي فائنل نوٽيس جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته اهي رهائشي علائقن ۾ غيرقانوني طور تي ڪمرشل سرگرميون ڪري رهيا آهن . جيڪڏهن انهن هفتي اندر ڪي ايم سي ۾ موجود فارم زيڊ ڀري پنهنجي ملڪيتن جي ڪمرشل استعمال بابت وضاحت نه ڪئي ته پوءِ ڪي ايم سي اختياريون سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ سان گڏ سندن ليز پڻ رد ڪري سگهن ٿيون. ان ڏس ۾ ڪي ايم سي جي ماسٽر پلان ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر / ڪوآرڊينيٽر حافظ محمد جاويد جي صحيح سان جاري ٿيل پبلڪ نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شاهراه فيصل (ميٽروپول هوٽل کان وٺي ملير برج تائين) تي اڏيل ڊيز ان هوٽل، البراڪا بينڪ، ڪڊزيونيورسٽي، ڪي اي اي سي آفيس ، حبيب ميٽرو بينڪ ، بي اي ايس ايف شوروم، او سي ايس آفيس، حبيب ميٽرو بينڪ، ٽيوٽا شوروم ، بينڪوئيٽ شادي هال، هونڊا شورم، حبيب بينڪ، جعفر برادرز آفيس، سونيا ٽريولس ، سٽي اسڪول، آٽو مال شوروم، ايجوڪيٽر اسڪول، ڊاڪٽر روبيه سراج ڪلينڪ، حسن جنرل اسپتال، ڪلاسڪ سوئيٽس ، رياض ڦوٽو شاپ، بار بي ڪيو، ابن سينا اسپتال، مرتضيٰ اسٽيٽ، احسن ليبارٽري، ايجوڪيٽر اسڪول، ماهه روز بيوٽي پالر، مهدي مانجهي ليبارٽري ، ارينا ملٽي ميڊيا انسٽيوٽ، حسيني بلڊ بينڪ، ايجوڪيٽر اسڪول، محمدي اسپتال ، ممتاز ميڊيڪل اسپتال، سٽي اسپتال، عطيه اسپتال ، طارق روڊ (پي اي سي ايڇ ايس ) تي واقع شادي هال ،راشد منهاس روڊ (ڊرائيو ان سينيما کان وٺي شفيق موڙ تائين)مشتاق بارادري لان، مشتاق گاڙنڊن. پرلي ميرج هال، ميلا ريسٽورنٽ، فيملي لان، لاثاني ريسٽورنٽ، اسلاڪ ڪيمبرج اسڪول، صادقين لان/ اسڪول، هيبٽ (فرنيچر شوروم) آرڪوپولس ٽريول ، ڪاسميٽڪ سائنس انسٽيٽيوٽ ، دي ايجوڪين ٽريول آفيس، بينڪ الحبيب، ڊومينو انگلش لينگويج ، ڊاڪٽر عيسيٰ ليبارٽري، اي ايم آءِ ڪمپيوٽر انسٽيٽيوٽ، نمره انڊسريل اسٽيٽ ، ڪلثوم لان، بنڌن لان، مهڪ لان، رائيل لان، گيليڪسي لان، ڪريسينٽ لان، ايپٽيڪ انسٽيٽيوٽ ، نيشنل بينڪ، يونيورسٽي روڊ جي (اسڪيم 24 کان 26 تائين ) سلور ٽريڊ ٽاور (اڏاوت هيٺ) سلور ريسٽورنٽ ، ياسر چيمبر ۽ سمٽ بينڪ ڊاڪٽر رحمان هاسيپٽل، ميزان بينڪ، بينڪ الحبيب، عامر چيمبر گيليڪسي مني ايڪسچينج ، پيزا هٽ، فيصل بينڪ، عثمانيه ريسٽورنٽ، موبائل زون، ٽيلينور آفيس، پارڪ ويو اپارٽمينٽس ، ماسٽر اسڪوائر ڊومينو، وال ماٽ شاهراه پاڪستان (تين هٽي کان سهراب ڳوٺ) آءِ ايڇ گرامر اسڪول، نيو جنريشن اسڪول، فيصل بلڊ بينڪ، صدف لان، افشان لان، بلال گارڊن، يو بي ايل بينڪ ، پولٽري فيڊسروس ، مسٽر ميڪ فاسٽ فوڊ، ايم آءِ هاسپيٽل ، فيڊرل ڪلينڪ، ميٽرو پوليٽن اسڪول، ايان ڪلب ، ناظم آباد( لسٻيلي کان بورڊ آفيس کاٻي پاسي) ڀرت جي فيڪٽري برف خانو، اقرا اسڪول، سر سيد لان ، ايم ايس اسپتال، بينڪ اسلامي، بقائي اسپتال، دبئي اسلامڪ بينڪ ، ڪراچي نفسياتي اسپتال، ياسمين نفيسياتي اسپتال، شيرشاهه روڊ تي واقع اي بي سي لان ، اسٽائيل لان، امبر لان ، اسڪاءِ ڊيڪ لان ، اسڪاءِ گلوريس لان، سٽي لان رفيع لان ، ميرٺ ڪباب، وائيٽ هائوس اسڪول، شاهراه جهانگير تي واقع شيراز آءِ اسپتال ، خيابان اقبال( ڪلفٽن برج کان دو تلوار تائين ) سپر مارڪيٽ . پرنس جيولرس ، ڊائمنڊ گيلري جوفا گروپ، خالد ابن وليد روڊ( پلاٽ نمبر 107 کان 168 تائين جي چرچ) ڪارڊوبا اسڪول، ايمرس سيل ڪاليج، توقل شوروم، خالد موٽرز، زبير ڪلينڪ، اوريڪا انسٽيٽيوٽ، پڪاسو فرنيچر ۽ مختلف ڪار شوروم ، جمال الدين افغاني روڊ (ٽي وي اسٽيشن کان پلاٽ نمبر هڪ تائين)تي واقع فاطمه ڊينٽل ۽ سنيڪ فاسٽ فوڊ شهيد ملت روڊ (جيل چورنگي کان حيدر علي روڊ) آسائش فرنيچر، يو پي ايس ڪوريئر اسڪول. چوڌري خليق الزمان روڊ تي واقع لاهوري چرغه ، يوسف موٽرز، افغان ڪارپيٽ، يوسف ايگزيبيشن گيلري آٽو ورڪشاپ پوءِ نشتر روڊ تي واقع يو بي ايل بينڪ، جميل بيڪر ۽ ڪيٽر، ناصر پان هائوس، آءِ ايم ڪمونيڪيشن ، فيصل بينڪ ، فرينچ بيڪري، عالمگير روڊ تي واقع ڪرائون پي اسڪول، حسيني هاسپيٽل، سدا بهار شادي لان، گل بهار شادي لان ، ۽ شاهراه شاهه جهان تي واقع طيبي موبائل مال، مطب حڪيم ، ميرج هال، عليشا بيوٽي پالر ، برائيڊ برڊ اسڪول، ظهير پبلڪ اسڪول شامل هجي .

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں