عوام جي محبت ۽ خلوص نواز شريف سان گڏ آهي: مريم نواز

8Shares

لاهور (بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عوام جي محبت ۽ خلوص نواز شريف سان گڏآهي. اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي پنهنجي والد سان ملاقات لاءِ سروسز اسپتال لاهور پهتي ۽ عيادت ڪئي.  ذريعن موجب مريم نواز پنهنجي والد جي حوصلو وڌايو جڏهن ته نواز شريف هينئر تائين ٿيل علاج بابت پنهنجي نياڻي کي آگاهه ڪيو. مريم پنهنجي والد لاءِ ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب  تيار ٿيل کاڌو آندو هو ۽ هن نواز شريف جي ميڊيڪل ٽيسٽن بابت  ڊاڪٽرن کان معلومات ورتي. ان موقعي تي مريم نواز والد کي چيو ته ن ليگي ڪارڪن اوهان جي صحتيابي لاءِ ڏينهن رات دعائون ڪري رهيا آهن، مريم نواز وڌيڪ چيو ته عوام جون محبتون ۽ خلوص اوهان سان گڏ آهي، الله تعاليٰ جلد اوهان کي صحتيابي عطا ڪندو. ٻئي طرف ن ليگي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٽوئيٽ جو جواب ڏيندي چيو آهي ته عمران صاحب پنهنجي حڪومت جي عوام مٿان ظلم ۽ عذاب تي به ٽوئيٽ ڪريو. مريم اورنگزيب پاران ڪيل ٽوئيٽ ۾ 3 ڀيرا جواب ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ هن چيو ته ملڪي قرض 26 ارب ۽ پرڏيهي قرض 100 ارب تائين پهچي ويو آهي، ڪٿي آهي معاشي پاليسي ۽ معاشي ويزن، جڏهن ملڪي معاملا هجن ته پنهنجي تڪبر ۽ ذاتي انا کي پوئتي اڇلائڻ گهرجي. هن چيو ته صورتحال ٽوئيٽ ڪري ٺيڪ نه ٿيندي، ان تي ضابطو آڻڻ توهان يا توهان جي حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي. مريم اورنگزيب صلاح ڏني ته معاشي بحران ختم ڪرڻ لاءِ صلاح وٺڻ تي شرمندگي ٿئي ته اسحاق ڊار، شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل کي سڏائي وٺو، نه ته آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وٺو.

8Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں