ڪراچي ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي، امن لاءِ ماڻهن کي فعال ڪردارادا ڪرڻ گهرجي: وڏو وزير

4Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي بحاليءَ سان راندين، فنون، هنرمندي، ادبي ۽ ٻين صحتمند سرگرمين ۾ واڌارو ٿيو آهي. هن چيو ته ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ۽ ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ سندن فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اها ڳالهه ڪالهه آچر ڏينهن فرسٽ ڪراچي سٽي ميراٿن واري تقريب کي بطور خاص مهمان خطاب ڪئي. تقريب ۾ گهرو سيڪريٽري قاضي ڪبير، ڪمشنر ڪراچي افتخار شهلواڻي۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪراچي ۾ 30 سالن کانپوءِ سٽي ميراٿن جو ايونٽ رٿيو ويو آهي ان لاءِ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سندن ٽيم واڌاين جا حقدار آهن، انهن ڪراچي شهر ۾ اهو ايونٽ ڪيو. هن چيو ته ڪراچي شهر گذريل ڏهاڪن کان جهڙي طرح امن امان واري خراب صورتحال ۾ وڪوڙيل هو ۽ اسان هن شهر ۾ امن امان جي بحاليءَ لاءِ مخلصيءَ سان ڪوششون ورتيون. انهيءَ بعد اهو ايونٽ ٿيڻ ۽ اهڙا ڪيترائي ايونٽس امن امان بحال ٿيڻ جي دليل آهي، هن وقت به ڪراچيءَ ۾ ويسٽ انڊيز جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪيڪيٽ ميچ کيڏي رهي آهي. هتي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو فائنل ۽ سيمي فائنل سان گڏ پنچ ميچ ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سال به اسان پي ايس ايل جو فائنل ڪرايو هو ۽ اسان وٽ هتي آغا خان صاحب ۽ بوهري برادريءَ جو سيدنا مفضل سيف الدين پڻ آيا. گذريل ٻن سالن کان اهي ايونٽ ٿيڻ ان ڳالهه جي دليل آهي ته ڪراچي ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويو آهي ۽ ڪراچيءَ جي شهرين انهن ماڻهن کي شڪست ڏني آهي جيڪي هن شهر جو امن خراب ڪرڻ چاهن ٿا، ان لاءِ مان واڌايون ڏينس امن امان قائم ڪندڙ ايجنسين جنهن ۾ پوليس، رينجرز ۽ فوج اهي سڀئي شامل آهن ۽ جيئن مان چيو ته سڀ کان وڌيڪ واڌاين جا حقدار ڪراچيءَ جا ماڻهو آهن جن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون. سيد مراد علي شاهه چيو ته هن ميراٿن ڪرائڻ جون واڌايون ڏيان ٿو ۽ جهڙي طرح ڪمشنر ڪراچيءَ ٻڌايو ته اهو ميراٿن اسپانسرشپ تي ٿيو آهي جنهن ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان، سنڌ اسپورٽس بورڊ، آرٽس ڪائونسل ڪراچي، پيپسي ڪولا، نيسلي، عيسيٰ ليبارٽريز، سي پي ايل سي ۽ ٻيا شامل آهن. هن چيو ته مونکي خوشي ٿي رهي آهي ته هتي ننڍن ٻارن سميت 83 ورهين جا ماڻهو ميراٿين کي مڪمل ڪيو ۽ ان کان وڌيڪ مونکي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته هتي ڊفرنٽلي ايبل ٻارن پڻ شرڪت ڪئي ۽ ميڊلز حاصل ڪيا. خوشگوار انداز ۾ هن چيو ته صبح هتي آيس چيو ويو ته اسان سمجهيو اوهان هتي ڊوڙيندا، مونکي هتي ڊوڙڻ لاءِ ناهي گهرايو ويو انهن کي ڊپ هو ته آئون کٽي ويندس. مون چيو ته هڪ ڪيٽيگري بڻايو جيڪي 50 وريهن کان مٿي هجن، اسيمبلي جا ميمبر هجن ۽ ميم سان انهن جو نالو شروع ٿيندو هجي ته مان ايندس پر اها ڳالهه انهن تسليم نه ڪئي. انشاءَ الله تعاليٰ ايندڙ سال آئون ضرور حصو وٺڻ جي ڪوشش ڪندس. انهيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته نه رڳو رانديون پر ٻين صحتمند سرگرمين سان شهر ۾ بهتري ٿي رهي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ تجارتي ۽ ڪاروباري سرگرمين کي به فروغ حاصل ٿيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ايس ايل هڪ وڏو ايونٽ ٿيندو ۽ هن ذاتي طور تي پي ايس ايل جي آرگنائيزر، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڊويزنل انتظاميا سان گڏيل اجلاس جي صدارت ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ٻيهر اهو وڏي ايونٽ سان گڏ شهر جو هڪ يادگار ايونٽ ثابت ٿيندو. هن چيو ته پي ايس ايل جي ميچن لاءِ سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن جنهن ڪري شهر جي ماڻهن کي ڪجهه مسئلن پيش اچي سگهن ٿا پر سندس هر ممڪن ڪوشش هوندي ته ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف يا مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي. هن چيو ته اهو اسان جو ايونٽ آهي ۽ ڪراچي جو هر شهري پي ايس ايل جي رانديگرن، شرڪت ڪندڙن ۽ آرگنائيزز جو ميزبان هوندو.

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں