پي ٽي آءِ وفاقي حڪومت سنڀالي نٿي سگهي ۽ سنڌ حڪومت خلاف واويلا ڪري پئي: مرتضيٰ وهاب

2Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سڌ سماءَ جي صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فردوش شميم سنڌ جي حوالي سان اجائي واويلا ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوش شميم جي بيان جي ردعمل ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته سڄي ملڪ ۾ سنڌ جي اسپتالن جي حالت بهتر آهي. سنڌ جي اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. واڳون وارا ڳوڙها نه ڳاڙيا وڃن. تحريڪ انصاف وفاقي حڪومت نٿي سنڀالي سگهي ۽ پريشاني ۾ سنڌ حڪومت خلاف واويلا ڪري رهي آهي. فردوش شميم کي واڳون وارا ڳوڙها نه ڳاڙڻ گهرجن.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں