گوجرانوالا (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ جي ناڻي کي بي دردي سان لٽيو ويو، ملڪ لٽيندڙ سڀ چور اپوزيشن ۾ گڏ ٿي ويا آهن، انهن سان جيلن ۾ اهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي جهڙو غريبن سان ٿيندو آهي. گوجرانوالا ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته جيڪي اڳ ئي هڪ هئا هاڻ به هڪ ئي آهن، گذريل حڪومتن کان پڇو ته قرض جي رقم ڪيڏانهن وئي؟ حساب گهرو ته چون ٿا جمهوريت خطري ۾ آهي، گذريل 10 سالن ۾ 70 سالن کان وڌيڪ قرض ورتو ويو. هن چيو ته سعد رفيق کي گرفتار ڪيو ويو ته منسٽر انڪليو ۾ رهڻ لڳو، 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي سرڪاري اسپتالون نه ٿيون وڻن، نواز شريف کي پاڪستان جي اسپتالن ۾ علاج ڪرائڻ پسند ناهي، توهان ملڪ تي ڪيترائي سال حڪومت ڪئي پر اهڙي ڪا به اسپتال نه ٺاهي، جتي علاج ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته لاڙڪاڻي جو پيڪيج اربين رپين جو هو، 90 ارب رپيا دبئي ۾ نڪري پيا، جيڪي پئسو عوام تي خرچ ٿيڻو هو، اهو دبئي ۽ لنڊن مان هٿ اچي رهيو آهي، عمران خان وزيراعظم هجڻ باوجود هڪ رپيو به سرڪاري ناڻي مان ناهي وٺندو. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم ۽ اسان جا وزير عياشيون ناهن ڪندا، حڪومت جو مشن آهي ته امير ۽ غريب لاءِ ساڳيو قانون هجي، عمران خان جي جدوجهد 22 سالن تي ٻڌل آهي، حڪومت کي تباهه ٿيل معيشت ورثي ۾ ملي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سڀ ملڪ پاڪستان ڏانهن واجهائي رهيا آهن، پاڪستان يمن ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪڏهن به ڊيل نه ڪندو، هن 6 مهينن ۾ پاڪستان کي طاقتور بڻائي ڇڏيو آهي، عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ نه بني گالا ۾ رهندو آهي، خرچ پاڻ برداشت ڪندو آهي، ماضي ۾ جاتي امرا جي ڀت ٺاهڻ لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا. فواد چوڌري چيو ته اپوزيشن جو شور ائين آهي، جيئن جيل اندر نماز هوندي آهي، جيل ۾ آذان ڏيندڙ، نماز پڙهندڙ ۽ امامت ڪندڙ سڀ مجرم آهن، ماضيءَ جي حڪومتن خزاني ۾ ڇڏيو ڇا آهي جو سبسڊي ڏيون، پ پ ۽ ن ليگ مذاق بڻائي رکيو آهي، شهباز شريف ۽ خواجه سعد رفيق منسٽر انڪليو ۾ مزا وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري واضح ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار تي مڪمل اعتماد آهي.خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته جيستائين عثمان بزدار تي عمران خان جو اعتماد آهي، اهو وڏو وزير رهندو. پروگرام دوران حج خرچن بابت ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته گذريل سال مسلم ليگ ( ن ) جي حڪومت چونڊن کان اڳ عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ حج تي سسبڊي ڏني، پر هاڻ حڪومت لاءِ ائين ممڪن ناهي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟