جدوجهد ڪندڙ قوم کي ئي ڪاميابي ملندي آهي، پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڪشمير کي آزاد ڏسندس: آصف زرداري

1Shares

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت سان جڏهن به ڳالهيون ٿيون ڪشمير تي ڳالهيون ٿيون آهن.  اسلام آباد۾ ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پ پ جو بنياد تي ئي ڪشمير تي آهي، اهو اسان جي ڊي اين اي ۾ شامل آهي، اسان ڪشمير ۽ ڪشمير اسان کان الڳ نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته زندگي ۾ هميشه ان قوم ڪاميابي حاصل ڪئي جنهن جدوجهد ڪئي، اسان به ڪشمير کي نه ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي سمجهڻ گهرجي ته ڪشمير تي پاڪستان جو موقف رڳو حڪومت نه پر سموري ملڪ ۽ عوام جو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته جيڪڏهن الله چاهيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ ئي ڪشمير کي آزاد ڏسندس. هن چيو ته بينظير ڀٽو  راجيو گانڌي سان ڪشمير معاملي تي ڳالهايو ته هن چيو ته مون سان ڪنهن اڄ تائين اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي اسان نه ٿا وساري سگهون، ڪشميرين کي متحد رکڻ لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان گهڻو ظلم ڪيو پيو وڃي پر مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي پيغام ڏيندس ته جدوجهد ڪندڙ هر قوم فتح حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته ڪشمير اسان جي دلين جي ڌڙڪن آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف هڪ ئي آهي، سياسي اختلافن باوجود معاملي تي سموريون پارٽيون متفق آهن. اڳوڻي صدر صحافين سان ڀوڳ ڪندي چيو ته اڄ ڪلهه توهان ڏکيائين جو شڪار آهيو اسان توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، توهان اسان جو ساٿ ڏيو حڪومت ڪيرائڻ ۾ اسان توهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلنداسين.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں