سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بلديا سانحي، عزير بلوچ ۽ نثار مورائي بابت جي آءِ ٽي رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم

1Shares

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ وفاقي وزير علي زيدي جي درخواست تي بلديا سانحي، عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جي رپورٽن کي عدالت جي چيمبر ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئيعدالت عاليا جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ عبدالمالڪ تي ٻڌل بئنچ علي زيدي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ علي زيدي عدالت کي اپيل ڪئي هئي ته بلديا سانحي، عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جي جي آءِ ٽي رپورٽن کي منظر تي آڻڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت لاڳاپيل اختيارين کي بلديا سانحي، عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جون جي آءِ ٽي رپورٽون چيمبر ۾ 16 فيبروري تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته بلديا سانحي، عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جون جي آءِ ٽي رپورٽون عوام کان لڪايون ويون آهن. هن موقف اختيار ڪيو ته بلديا فيڪٽري ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهو مئا پر جي آءِ ٽي پبلڪ نه ڪئي وئي، ان کانسواءِ عزير بلوچ ۽ نثار مورائي جون جي آءِ ٽيز به اڃا تئاين پبلڪ ناهيون ڪيون ويون. درخوست ۾ چيو ويو هو ته نثار مورائي 7 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث سينيئر سياستدانن جي نالي جو انڪشاف ڪيو هو، اهي 7 ماڻهو ڪير آهي؟ انهن سڀني جو نالو منظر تي اچڻ گهرجي. پنهنجي درخواست ۾ علي زيدي جو چوڻ هو ته شهري جي حيثيت سان اسان جو حق آهي ته اسان کي جي آءِ ٽي رپورٽ بابت مڪمل ڄاڻ حاصل هجي. عدالت وفاقي وزير جي درخواست تي لاڳاپيل اختيارين کي سموريون جي آءِ ٽي رپورٽون عدالت جي چيمبر ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هوڏانهن وفاقي وزير علي زيدي ٽوئيٽر تي عدالتي فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته عدالتي فيصلو وڏي ڪاميابي آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں