نيب جي درخواست رد، خواجا سعد ۽ سلمان رفيق 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل حوالي

7Shares

لاهور (بيورو) احتساب عدالت پيرا گون هائوسنگ اسڪينڊل ۾ خواجه ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي. لاهور ۾ احتساب عدالت جي جج نجم الحسن پيرا گون هائوسنگ اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي. نيب طرفان مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق پيش ٿيا. نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا عدالت جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته نيب کي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، تنهن ڪري جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ستن ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد خواجه ڀائرن جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي نيب جي درخواست رد ڪري ڇڏي. عدالت سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته حڪومت گذريل سيشن ۾ مخالف ڌر جي احتجاج کان ڊڄي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊگهي عرصي لاءِ ملتوي ڪيو،  وزيراعظم ۽ سندس ڪجهه ساٿين اسيمبلي جي حرمت کي ڪڏهن قبول نه ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت قومي اسيمبلي کي اسڪول اسيمبلي بڻائڻ چاهي ٿي، اسپيڪر اسان جا پروڊڪشن آرڊر روڪڻ لاءِ شديد دٻاءُ کي منهن ڏئي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ چونڊيل ايوان جي توهين آهي. سعد رفيق چيو ته مسلم ليگ ن طرفان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ منهنجي نمائندگي کانپوءِ منهنجو نوٽيفڪيشن روڪڻ پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي آهي، تحريڪ انصاف حڪومت جو انتقامي رويو ساڳيو رهيو ته هي ماڻهو جلد سياست جي پاتال تائين پهچي ويندا.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں