شعيب ملڪ ساٿي ڪرڪيٽرن سان گڏ 37 هين سالگرهه ملهائي

1Shares

ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي معطلي کان پوءِ قومي ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ شعيب ملڪ ساٿي ڪرڪيٽرن 37 هين سالگرهه ملهائي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل پيج طرفان سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي ويڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ قومي ٽيم جي وقتي ڪپتان کي ساٿين سان گڏ ڪيڪ ڪاٽيندي ڏسي سگھجي ٿو.ڪيپ ٽائون ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست کان بعد هوٽل پهچي شعيب ملڪ جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ٽيم جي ساٿي ڪرڪيٽرن ”هيپي برٿ ڊي“  ڳائيندي تاڙيون وڄائي ۽ شعيب لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي شعيب ملڪ ٽيم جي سمورن ميمبرن  جو ٿورو مڃيندي دعائن ۾ ياد رکڻ جي درخواست ڪئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں