اداڪارا فاطمه ثنا شيخ پاران عامر خان سان افيئر وارين خبرن تي سخت رد عمل

6Shares

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره فاطمه ثنا شيخ هينئر تائين باليووڊ جي ڪجهه فلمن جو حصو بڻي آهي، پر ميڊيا ۽ مداحن وچ ۾ گهڻو مقبول ٿي رهي آهي. سندس مقبوليت جو راز فلمن سان گڏوگڏ باليووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان سان افيئر جا به آهن. ڊگهي عرصي کان عامر خان ۽ فاطمه ثنا شيخ جي افيئر جون خبرون ميڊيا تي هلي رهيون آهن. فاطمه ثنا اهڙين خبرن جي جواب ۾ خاموشي ٽوڙيندي جواب ڏنو آهي. اداڪاره فلم فيئر کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ان لاءِ اهڙا افواهه گهڻو پريشان ڪندڙ آهن. فاطمه ثنا شيخ جو چوڻ هو ته اڳ ۾ مونکي ڏاڍو گهڻو خراب لڳندو هو، ڇاڪاڻ ته مون ڪڏهڻ اهڙي مسئلي سان منهن ناهي ڏنو، ڪيترائي اهڙا ماڻهو جن کي مان سڃاڻان به نٿي اهي مون تي ڳالهائن ٿا. حقيقت ۾ اهي ماڻهو ڄاڻن به نٿا ان افواهه ۾ ڪيتري سچائي آهي، ماڻهو اهڙيون غلط خبرون پڙهي مون بابت غلط سوچيندا، جيڪو مان نٿي چاهيان، مونکان پڇيو وڃي مان ضرور جواب ڏينديس پر ان کان اڳ نه ڳالهائڻ گهرجي. ان کان اڳ به فاطمه ثنا کان عامر خان سان افيئر بابت سوال ٿيندا رهيا آهن. ڪجهه مهينا اڳ به اداڪاره هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته “جيڪڏهن ڪير اوهان تي الزام مڙهي رهيو آهي ته اهو ان جو مسئلو آهي، مونکي ڪاوڙ اچي ته مان ڪاوڙ ڪنديس پر هاڻ مونکي ڪو فرق نٿو پوي”. فاطمه ثنا 2016 ۾ عامر خان سان گڏ فلم “دنگل” ۾ ڊيبيو ڪري چڪي آهي.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں