12 مئي سانحو ڪيس: ميئر ڪراچي وسيم اختر سميت 21 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

9Shares

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) 12 مئي سانحي ۾ ميئر وسيم اختر سميت 21 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.  دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 12 ئي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ضمانت جي درخواست تي سرڪاري وڪيل دليل مڪمل ڪيا. عدالت روپوش جوابدار عبدالزاهد جي گرفتاري بعد 17 جوابدارن جا هڪ دفعو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ۽ ميئر وسيم اختر سميت 21 جوابدارن تي ترميمي فرد جرم لاڳو ڪيو. فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد سمورن جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں