اسلام آباد (بيورو) وڏي ايوان ( سينيٽ) ۾ مخالف ڌر حڪومت طرفان حج خرچن ۾ واڌ کي رد ڪندي ان تي ڌيان ڏياريو نوٽس پيش ڪري ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد حج خرچن ۾ واڌ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2019ع جو اعلان ڪيو هو، جنهن تحت ملڪ جي اتر واري علائقي ۾ رهندڙن لاءِ حج جي في فرد لاڳت 4 لک 36 هزار 975 رپيا هوندي جڏهن ته ڏکڻ واري علائقي ( ڪراچي، ڪوئٽا ۽ سکر) لاءِ 4 لک 26 هزار 975 رپيا هوندي، انهن خرچن ۾ قرباني جي لاڳت شامل نه آهي، قرباني سان گڏ اهي خرچ 4 لک 56 هزار 426 رپيا هوندا. اهڙي طرح گذريل سال جي حج پاليسي جا خرچ 2 لک 80 هزار جي مقابلي ۾ حڪومت هلندڙ سال جي پاليسي ۾ 63 سيڪڙو يعني هڪ لک 76 هزار 426 رپيا واڌ ڪئي آهي.ان سموري معاملي تي سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته حڪومت مديني جي رياست ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر انهن ماڻهن کي مڪي ۽ مديني وڃڻ کان روڪي رهي آهي. مشتاق احمد چيو ته حڪومتي حج پاليسي گھڻي مايوس ڪندڙ آهي، سموري ملڪ جا ماڻهو ان پاليسي مان پريشان ٿي ويا آهن، حڪومت کي حج خرچن ۾ ماڻهن کي رعايت ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته حج خرچن ۾ واڌ عوام جي پهچ کان ٻاهر آهي، مان حج خرچن ۾ واڌ کي هڪ ڊرون حملو سمجهان ٿو، حج به سونامي جي ور چڙهي ويو. سينيٽر مشاق چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشون به نه مڃون ويون، حج پاليسي ماڻهن کي حج ڪرڻ کان روڪڻ جي برابر آهي، حڪومت حاجين جي پٽ نه کڻي، مديني جي رياست جي دعويدار حڪومت ماڻهن کي مڪي ۽ مديني کان روڪي رهي آهي جڏهن ته سيمنيما جي بحالي تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو چيو ويو. سينيما جي بحالي تي اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن ته حج تي رعايت ڏني وڃي.ان دوران پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو ته مذهبي معاملن وارو وزير ناراض آهي؟ رضا رباني چيو ته حج پاليسي بابت پريس ڪانفرنس ۾ به هو نه آيا جڏهن ته اڄ ايوان ۾ به نوٽس جو جواب ڏيڻ نه آيا. ان تي پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ) جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مذهبي معاملن وارو وزير ناراض نه آهي. اجلاس دوران پارليماني معاملن بابت وزير علي محمد خان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏنو ۽ چيو ته مديني واري رياست جي ڳالهه تي قائم آهي. علي محمد خان جو چوڻ هو ته اسان جي هاڻي به ڪوشش آهي ته ريليف ملي وڃي، 70 سيڪڙو خرڇ سعودي عرب ۾ ئي ايندا آهن ۽ ان تي اسان جو ڪو به ڪنٽرول نه آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ رهڻ ۽ کائڻ سميت مختلگ شين تي غير معمولي واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته اسان جي سرڪار جي ڪوشش رهي آهي ته رعايت ڏني وڃي.ان تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته حاجين کي وڌيڪ سبسڊي ڏيو ته بهتر آهي، جنهن تي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته علي محمد خان ٻڌايو آهي ته مان ان جي حمايت ڪري رهيو آهيان.ٻئي پاسي اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻ جي غير حاضري تي احتجاج ڪيو ويو. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمٰن چيو ته مخالف ڌر ڪالهه آرڊيننس جو معاملو اٿاريو هيو. هن مطالبو ڪيو ته غير حاضر رهندڙ وزيرن تي پابندي لڳائي وڃي، جيڪي وزير ايوان کي عزت نٿا ڏئي سگھن انهن کي ايوان کان پري رکيو وڃي. سينيٽر رضا رباني چيو ته پي ايم ڊي سي جي معاملي تي وزيرن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو چيو ويو هو، هرو ڀرو پي ايم ڊي سي آرڊيننس کي پيـش نه پيو ڪيو وڃي. رضا رباني چيو ته ڊريپ جي چيئرمين بابت نيب پاران چيو ويو ته هو فوت ٿي ويو آهي، ڊريپ جي چيئرمين جي ڊگري جو مسئلو به سامهون اچي چڪو آهي. ان تي سينيٽ چيئرمين شبلي فراز کي مخاطب ڪندي چيو ته وزيرن کي چئو هو ايوان ۾ ڇو نٿا اچن.رضا رباني چيو ته آمريڪا طالبان ڳالهين جو معاملو اٿاريو پر ڪو جواب ئي نٿو ڏي، ايوان کي ڪجهه به نٿو ٻڌايو وڃي، جڏهن سڀ ڳالهيون ٿي وينديون پوءِ ٻڌايو ويندو.هن چيو ته ڪو وزير ايوان ۾ موجود ناهي، جنهن بعد وزيرن جي غير حاضري تي مخالف ڌر احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ اجلاس دوران سينيٽ چيئرمين ميان عتيق شيخ کي ايوان ۾ سيلفيون ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو. صادق سنجراڻي چيو ته عتيق شيخ سيلفيون نه ڪڍي، ايوان اندر سيلفيون جي اجازت نه آهي، جنهن تي عتيق شيخ چيو ته اجلاس جي ڪاروائي هن وقت ناهي هلي رهي، ان تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ايوان هلي رهيو آهي رڳو ڪورم جي نشاندهي ٿيڻي آهي، توهان ايوان ۾ سيلفيون نه ڪڍو.ان کان اڳ سينيٽ اجلاس دوران سينيٽر فاروق ايڇ نائڪ بجيٽ سفارشون پيش ڪيون جنهن تي سينيٽ خزاني واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جون سفارشون منظور ڪري ورتيون. ٻئي طرف سينيٽ ضمني مالياتي بل تي سفارشن جي گڏيل طور تي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ۾ سمورن سرڪاري ملازمن کي 10 سيڪڙو عبوري رليف ڏيڻ ۽ نان فائيلرز کي فائيلرز بڻائڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته اسد عمر چيو آهي ته اپوزيشن سينيٽرز ملڪ جي معيشت تي ڳالهائڻ لاءِ نه پر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ مون کي ياد ڪن ٿا، مان موجود آهيان، مخالف ڌر ايوان ۾ نه آهي، جيترو نقصان اسٽاڪ مارڪيٽ کي 2018 ۾ ٿيو هو اهو جنوري ۾ رڪور ٿي ويو آهي، بيڪن ۾ اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، هي بجيٽ نه معاشي سڌاراتي پيڪيج آهي، معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جمعي تي اجلاس دوران قائمه ڪميٽي جون سفارشون چيئرمين ڪميٽي فاروق ايڇ نائيڪ پيش ڪيون، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سمورن سرڪاري ملازمن کي 10 سيڪڙو عبوري رليف ڏنو وڃي، هن چيو ته تماڪ پوکيندڙ آبادگارن لاءِ رليف ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي، نان فائيلرز کي فائيلر بڻائڻ جي سفارش ڪئي آهي، هن چيو ته ٽيڪس نيٽ ۾ گهڻي کان گهڻ ماڻهن کي آڻڻ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، هن چيو ته اميد آهي ته حڪومت سينيٽ جي سفارشن تي سنيجيندگي سان غور ڪندي ۽ بل جو حصو بڻائيندي، اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسد عمر چيو ته اپوزيشن جي سينيٽرز کي مان گهڻو يا ايندو هيس، حقيقت ۾ هي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ استعمال ٿيندو ٿو، هن چيو ته مان موجود آهيان پر مخالف ڌر ايوان ۾ موجود نه آهي، اسد عمر چيو ته جنوري ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واڌ ٿي آهي، اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟