ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 73 جو آئين، 18 ترميم، بينظير انڪم سپورٽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جون وڏيون ڪاميابيون آهن، 18 ترميم کي هر طرف کان حمله ٿي رهيا آهن، ان جي بچاءُ لاءِ مقابلو ڪنداسين، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته پاڻي بجلي گئس اسان جو حق آهي جيڪو ڪنهن به قسم تي کسڻ نه ڏينداسين. تفصيل موجب مير هزار خان بجاراڻيءَ جي پهرين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ ڪرمپور ۾ ملهائي وئي. ورسيءَ جي تقريب سا ن خطاب ڪندي چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته مير هزار خان بجاراڻيءَ جي پهرين ورسي آهي، ان ڪري سندس وڇوڙي جو ڏک اڃان تازو آهي. هن چيو ته مير هزار خان بجاراڻي پاڪستان جو نامور سياستدان هيو. جنهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ مون سان گڏجي ڪم ڪيو. هن چيو ته مير هزار خان هن ملڪ، جمهوريت ۽ غريب عوام لاءِ پوري زندگي جدوجهد ڪئي ۽ ان صفر ۾ مشڪلاتن کان پوءِ ڪاميابيون ماڻيون. هن چيو ته 1973 ۾ ملڪ جو پهريون آئين ٺاهيو ويو، جنهن کي بعد ۾ ضياءُ ختم ڪيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد بعد آئين جي بحالي ٿي ۽ ان بعد آئين ۾ 18 ترميم جي تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته هن سڄي صفر ۾ هزار خان بجاراڻي جو تمام وڏو ڪردار هيو. هن چيو ته 18 ترميم، 73 جو آئين ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ان صفر جون تمام وڏيون ڪاميابيون آهن. هن چيو ته شهيد ڀٽو جو نعرو هيو ته روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ۽ اسان ان انقلابي پروگرام لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ڪيو ته ان پروگرام جي هلڻ سان غربت ۾ گهٽتائي آئي آهي. پ پ پ چيئرمين چيو ته مير هزار خان، شهيد ڀٽي، بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداريءَ سان گڏجي جدوجهد ڪئي ۽ هاڻي نئين نسل جي ذميواري آهي ته هو جمهوريت ۽ آئين جي حفاظت ڪري هن چيو ته 18 ترميم خطري ۾ آهي ۽ هرطرف کان مٿس حملا ٿي رهيا آهن ۽ اپوزيشن پارٽين گڏجي ڪري ان جو هرطرف کان مقابلو ڪندي. هن چيو ته انساني حقن، جمهوري حقن، ۽ معاشي حقن تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي ۽ اسان جي جمهوري جدوجهد جاري رهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم جي هر ڳالهه ڪوڙي نڪتي، ارڙهين ترميم خلاف سازشون ناڪام بڻائينداسين، موجوده حڪومت ايندي ئي عوام کي روزگار ڏيڻ بدران کسي ورتو، عوامي حقن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين، ڪٺ پتلي وزيراعظم اسان جي لاءِ ڏکيائيون پيدا نٿو ڪري سگهي، “اٽو، لٽو ۽ اجهو” شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نهرو هو، پ پ اڄ به ان فلسفي تي قائم آهي، وفاق ارڙهين ترميم تي عمل نه پيو ڪري، وزيراعظم جا پنهنجا وزير ترميم جي خلاف آهن، خبر ناهي عثمان بزدار ۾ اهڙو ڇا آهي جو کيس پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ وزيراعظم سندس دفاع ڪري رهيو آهي، عمران خان جتي به ويندو آهي، صدارتي نظام جي ڳالهه ڪندو آهي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته سازش جي ذريعي ئي پ پ کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو، ڪوڙيون جي آءِ ٽي رپورٽس آنديون پيون وڃن، سياست ۾ عوام ۽ ڪرڪيٽ ۾ امپائر جي مرضي هلندي آهي. ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته مير هزار خان بجاراڻيءَ سان منهنجي والد جي دوستي هئي، ٻنهي گڏجي جمهوريت جي بحاليءَ تائين جدوجهد ڪئي ۽ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته 2013 ۾ آءُ ان سان گڏ ڪابينه جو ميمبر هيس ۽ جڏهن آءُ وزير اعليٰ ٿيس ته هن هميشه منهنجي رهنمائي ڪئي. هن چيو ته 31 جنوري 2018 تي ڪابينه جي اجلاس ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي ۽ کين مونکي ماني جي دعوت ڏنائين. هن چيو ته هو هميشه مسڪرائيندڙ ۽ بردبار شخصيت هيو ۽ سندس جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو، وزير اعليٰ سنڌ چيو ته موجوده ڪابينا ۾ مير شبير علي خان بجاراڻي وزير آهي جيڪو ماڻهن جي ائين ئي خدمت ڪندو جيئن سندن والد خدمت ڪئي. هن چيو ته ملڪ تي هينئر ڏکيو وقت آهي وفاقي حڪومت سبب مهانگائي عروج تي آهي ۽ سنڌ سان سٺو سلوڪ نه پيو ٿئي. وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻي، بجلي ۽ گئس تي اسان جو حق آهي ۽ اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته اهو حق اسان کان کسيو وڃي. پر اسان پنهنجي قيادت پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجا حق وٺنداسين. هن چيو ته هينئر پاڪستان پيپلز پارٽي ٻي جنريشن ۾ داخل ٿي آهي ۽ پنهنجي قيادت جي رهنمائيءَ ۾ عوام جي خدمت ڪندا رهنداسين. تقريب سان خطاب ڪندي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه چيو ته مير هزار خان بجاراڻي سياست جو هڪ وڏو ادارو هيو ۽ پاڪستان ليول جو سياستدان هيو. هن پارٽيءَ سان آخري دم تائين گڏ رهيو هن چيو ته اسان جيلن جون سختيون گڏ سٺيو ۽ جيل ۾ گڏ بک هڙتال ڪئي. ورسيءَ سان خطاب ڪندي سنڌ اسيمبليءِ جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ چيو ته مير هزار خان بجاراڻيءَ سان اسانجو خانداني واسطو هو ۽ اسان جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪئي. تقريب سان خطاب ڪندي منظور وساڻ چيو ته 1983 جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اسان سکر جيل ۾ گڏ رهياسين. مير هزار خان عوامي خدمت تي يقين رکندو هو 2010 واري ٻوڏ کانپوءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جا سمورا روڊ بحال ڪرايائين. ورسيءَ جي تقريب سان خطاب ڪندي معدنيات جي وزير ۽ مير هزار خان جو موبي پٽ مير شبير علي خان بجاراڻي چيو ته اڄ اسان جي برداري لاءِ ڏک جو ڏينهن آهي ۽ مان بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداريءَ سميت سڄي قيادت جو شڪر گذار آهيان. جيڪي اسان جي ڏک ۾ شريڪ ٿيا ۽ ورسيءَ ۾ شرڪت ڪري اسان کي مان بخشيو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ جا حالات مختلف آهن ۽ انهن حالاتن ۾ اسان جو خاندان قيادت سان هر مشڪل گهڙي ءَ ۾ گڏ آهي. تقريب کي خطاب ڪندي. ڊاڪٽر يونس حيدر سومري چيو ته مير هزار خان بجاراڻي ۾ ڪمال درجي جي سهپ هئي ۽ هو منهنجو پرائمريءَ کان ڪاليج تائين دوست هيو. ورسيءَ جي تقريب ۾ چيئرمين پ پ پ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته ورسيءَ ۾ مڪيش چاولا، سليم جان مزاري، امتياز احمد شيخ، شهريار خان مهر، گل محمد جکراڻي، منظور وساڻ، راشد رباني، اعجاز جکراڻي، فياض ٻٽ، ۽ اويس شاهه امداد پتافي، سردار عثمان عالماڻي، برهان خان چانڊيو، سهراب سرڪي، نعمان اسلام شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟