حڪومت حاجين کي ديني فرض جي ادائگي ۾ به ڏکيائين جي ور چاڙهي ڇڏيو، جواب طلب ڪنداسين: شهباز شريف

0Shares

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جو چوڻ آهي ته مديني واري رياست جي دعويدار حڪومت عوام جي مڪي ۽ مديني وڃڻ کي به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. حج خرچن تي واڌ تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو ته حڪومت پاڪستاني حاجين کي ديني فرض نڀائڻ لاءِ به پريشان ڪري ڇڏيو آهي، مديني واري رياست جي دعويدار حڪومت عوام جي مڪي ۽ مديني وڃڻ کي به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، حڪومت ملڪي تاريخ جو سڀ کان مهانگو حج قوم کي ڏنو آهي. شهباز شريف چيو ته حڪومت حج کي مقدس مذهبي عبادت نه پر آمدني جو ذريعي طور ورتو آهي، پي ٽي آءِ جي پهرين ڪابينا آهي جنهن حج تي ڪنهن قسم جي ڪا سبسڊي ناهي ڏني، تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ ٻيا فائدا حاجين کي ڇونه ڏنا ويا، اسان جي حڪومت 2018ع تائين قرباني سميت حج پيڪيجن کي مهانگو ٿيڻ کان روڪي رکيو. هن چيو ته حج ڪاروبار جو ذريعو نه پر عبادت آهي، حڪومت کي الله جي مهمانن کي سهولت ڏيڻي هوندي آهي، ڀارت ۾ به حاجين کي سهولت ڏني ويندي آهي، مخالف ڌر حج پيڪيج اهڙي ريت واڌ وارو معاملو  قومي اسيمبلي ۾ اٿاريندي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں