بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هڪ ارب 65 ڪروڙ رپين جي بي ضابطگين جو انڪشاف

1Shares

اسلام آباد (بيورو) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ( اي پي سي) اجلاس دوران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي پيماني تي بدعنواني جو انڪشاف ٿيو آهي. اجلاس دوران پي اي سي چيئرمين شهباز شريف پروگرام بابت اختيارين سان مڪالمو ڪندي چيو آهي ته اوهاان 6 سال ستل هيئون منهنجي ڪيس ۾ توهان کي هڪ سيڪنڊ ۾ ريڪارڊ ملي ويندو آهي آڊٽ اختيارين موجب ايڊورٽائيزنگ ايجنسين کي تقريبن 165 ڪروڙ رپين جون ضابطن خلاف ادائگيون ٿيون جيڪي 2012ع ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊن مان ڪيون ويون. ان موقعي تي قومي احتساب بيورو ( نيب) اختيارين جو چوڻ هو ته اهو ڪيس نيب کي نه موڪليو ويو، ادارن پنهنجي مرادو جاچ جي شروعات ڪئي. نيب ڊائريڪٽر چيو ته نيب کي مڪمل ريڪارڊ ناهي مليو ان تي شهباز شريف چيو ته منهنجي ڪيس ۾ توهان کي هڪ سيڪنڊ ۾ ريڪارڊ ملي ويندو آهي لڳي ٿو ته مون کي ان ڪري ته نه  پڪڙيو ويو ته متان مان رڪارد نه غائب ڪري ڇڏيان. ان کان اڳ اجلاس ۾ ايم ڊي پيپرا ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ٿيڻ کان پوءِ جوائنٽ وينچر ۾ تبديلي کي غير قانوني قرار ڏنو.شهباز شريف پڇيو هو ته ڇا ٽينڊر کان بعد جوائنٽ وينچر تبديل ٿي سگھي ٿو يا نه. ايم ڊي پيپرا فد محمد وزير به ڪميٽي آڏو پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته ڪانٽريڪٽ ايوارڊ ٿيڻ بعد جوائنٽ وينچر ۾ تبديلي غير قانوني آهي.هن جو چوڻ هو ته معمولي تبديلي ته ممڪن آهي پر جوائنٽ وينچر جي تبديلي ممڪن ناهي. ان تي شهباز شريف چيو ته پروڪيورمنٽ جو مسئلو آهي.ڪميٽي ميمبر رانا تنوير چيو ته ڪو به معاهدو  پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪري  نه ٿو ڪري سگھجي.جڏهن ته ميمبرن به سوال اٿاريو ته ايف آءِ اي پنهنجي رپورٽ ۾ ڪلين چٽ ڪيئن ڏنو. ايم ڊي پيپرا چيو ته اسان کي معاهدي جي ڪاپي نه ڏني وئي، ڪاپي ملڻ کان بعد حتمي راءِ ڏينداسين تنهنڪري هنن اها ڳالهه ورجائي ته معاهدي جي قانون ۽ ضابطن ۾ تبديلي نه ٿي تڏهن به جوائنٽ ۾ تبديلي ممڪن نه آهي. اجلاس دوران مشاهد حسين سيد سوال ڪيو ته نيب جي ڪيسن تي جاچ جي ميرٽ ڇا آهي، ڪيترو وقت گھربل هوندو آهي.ان تي نيب اختيارين جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ ريڪارڊ نه ملڻ سبب گھڻي دير ٿي ويندي آهي. شهباز شريف هدايت ڏني ته سومر تي ان حوالي سان تفصيلن آگاهه ڪيو وڃي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں