وفاقي ڪابينا پاران حاجين کي سبسڊي نه ڏيڻ جو فيصلو، نئين ويزا پاليسي ۾ نرمي جي منظوري

1Shares

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حج پاليسي ۾ پانڌيئڙن کي سبسڊي ڏيڻ جي حوالي سان فيصلو ناهي ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري ٻڌايو ته حج پاليسي منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ حاجين کي سهولتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪوئيٽا کان سڌي ريت حج اڏامون هلايون وينديون، ڪوئيٽا ۽ فيصل آباد کان قومي ايئر لائن جا حج آپريشن ويندا. هن چيو ته گلگت ۾ حاجين لاءِ ڪئمپ لڳائي ويندي، هاڻ ڏورانهن علائقن سان واسطو رکندڙ شهرين کي بائيو ميٽرڪ سهولت انهن جي علائقن ۾ ڏني ويندي، وزيراعظم حاجين کي مثالي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري پاڪستان کي هڪ لک 84 هزار حاجين جي ڪوٽا ملي آهي، جيڪي سرڪاري ۽ نجي حج گروپس ذريعي ويندا، 10 هزار جون سيٽون بزرگ شهرين لاءِ رکيون ويون آهن، 1.5 سيڪڙو گورنمينٽ اسڪيم ۾ هارڊ شپ ڪيس ۽ 5 سئو سيٽون اي او بي آءِ کان رجسٽرڊ آرگنائيزيشن لاءِ رکيون ويون آهن، حاجين جي رهائش جي معاملي کي نظر ۾ رکندي پاليسي منظور ڪئي وئي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ويزا سروس بابت اهم پاليسي متعارف ڪرائي آهي، جنهن تحت 175 ملڪن کي اي – ويزا جي سهولت هوندي ۽ 7 کان 10 ڏينهن ۾ ويزا جاري ڪئي ويندي، وزيراعظم پرڏيهي وزير کي ريسپروڪل ويزا ختم ڪرڻ ۽ ويزا فيس گهٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته 50 ملڪن کي ويزا آن ارائيول جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، جن ۾ گهڻا يورپي ملڪ شامل آهن، بزنس ويزا کي 98 ملڪن لاءِ وڌايو ويو آهي، جڏهن ته جرنسلٽ ويزا جي اسڪيم جو حتمي فيصلو انفارميشن وزرات سان صلاح مشوري کانپوءِ ڪيو ويندو. هن چيو ته اي سي ايل ۾ شامل 172 ڄڻن مان عبدالمومن 10 ڊسمبر 2018 تي لاڏاڻو ڪري ويو هو، تنهن ڪري ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو، جڏهن ته ٻين 32 ڄڻن جا نالا نظرثاني ڪميٽي کي موڪليا ويا آهن. سندس چوڻ هو ته گذريل 6 مهينن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي نوعيت تبديل ٿي وئي آهي، 12 سالن کانپوءِ دبئي جي ڪنهن به سربراهه پاڪستان جو دورو ڪيو، هاڻ ايندڙ مهيني سعودي ولي عهد دورو ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو معاهدو ڪندو. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم جو نظريو آهي ته افغانستان ۾ امن کانپوءِ پاڪستان، چين ۽ ڀارت وچ ۾ اسٽريٽيجڪ پوزيشن ۾ اچي وڃي، آمريڪا سان اسان جا لاڳاپا بهتر ٿيا آهن. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪراچي انفرا اسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني کي ڪميونيڪيشن ڊويزن کان ڪابينا ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪراچي جا معاملا سڌي ريت وزيراعظم ڏسي، وزيراعظم يوٿ ٽريننگ پروگرام لاءِ به گرانٽ منظور ڪئي وئي ۽ 29 هزار ڀرتي ڪيل انٽرن لاءِ وظيفو منظور ڪيو آهي. وفاقي ڪابينا ۾ ويزا پاليسي ۾ نرمي جي پڻ منظوري ڏني وئي، هاڻ ڪيترن ئي ملڪن کي آن ارائيول، آن انٽري ويزا ملندي، ڪيترن ئي ملڪن جي شهرين کي آن لائن اپلاءِ ڪرڻ سان اليڪٽرانڪ ويزا ملندو. هن چيو ته 190 ملڪن لاءِ ويزا شرط نرم ڪري رهيا آهيون. فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري ته اي سي ايل ۾ ئي رهندو. ٻئي طرف وفاقي سرڪار حج خرچن ۾ ڏيڍ لک رپيا اضافو ڪري ڇڏيو. ڏکڻ ريجن لاءِ حج خرچن ۾ هڪ لک 46 هزار رپيا اضافو ڪيو ويو، اتر ريجن لاءِ حج پيڪيج هڪ لک 56 هزار رپيا اضافو ڪيو ويو ۽ گذريل سال اتر ريجن لاءِ حج پيڪيج 2 لک 82 هزار رپيا هو، هاڻي 4 لک 36 هزار رپيا ٿي ويو آهي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں