معيشت جي حوالي سان چئلينج آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هاڻ به بلند آهي، مالياتي معاملا بهتر ڪرڻا پوندا: اسٽيٽ بئنڪ

6Shares

اسلام آباد (بيورو) اسٽيٽ بئنڪ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ مانيٽري پاليسي ۾ وياج جي شرح ۾ 25 بيسز پوائنٽن جو اضافو ڪري وياج جي شرح 10.25 سيڪڙو مقرر ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر طارق باجوا اسلام آباد ۾ نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هاڻ به بلند آهي پر گذريل 12 مهينن کان ان خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. هن چيو ته معيشت جي حوالي سان چئلينج آهن، اسان کي مالياتي خسارو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٻئي گهٽائڻ جي ضرورت آهي، اميد ته ملڪي برآمدات ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ڊسمبر 2018 ۾ ڪنزيومر پرائس انڊيڪس 8 کان مٿي رهيو، جڏهن ته ڪڻڪ جي فصل ۾ به اضافو نه ٿيو. سعودي عرب سان تيل جي معاهدي جي حوالي سان طارق باجوا چيو ته رياض حڪومت سان دير سان ادائيگي تي تيل وٺڻ جا معاملا طئي ڪيا ويا آهن ۽ ان معاهدي تي صحيحون ولي عهد طرفان پاڪستان جي دوري دوران ڪيون وينديون. گورنر اسٽيٽ بئنڪ چيو ته جاري کاتن جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 13 کان 14 ارب ڊالر جي وچ ۾ گردش ڪري رهيو آهي. صنعتن ۾ 30 سيڪڙو اضافي مقابلي جي قوت پيدا ٿي پر اهو واپاري خسارو ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهي، رپئي جي قدر کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مداخلت نه ڪنداسين، ان جو تعين مارڪيٽ کي ڪرڻو پوندو، زراعت ۽ وچين درجي جي صنعت ۽ سستن گهرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قرض فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته مالياتي معاملن ۾ بهتري لاءِ قدم کڻڻا پوندا، پاليسي ريٽ کي 2019 ۾ 22 بنيادي پوائنٽن تي آڻڻ ضروري ٿي ويو آهي، حڪومت کي مالياتي معاملن ۾ تيزي ۽ ڦڙتي ڏيکارڻي پوندي. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان چيو آهي ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ٽيڪس کان بچڻ ۽ دولت لڪائڻ جو ذريعو بڻجي ويو آهي، اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ سيڙپڪاري جي نگراني ۽ خريدارن جي سڃاڻپ جو ڪو به نظام نه هجڻ جي ڪري لين دين جي دستاويز ۾ قيمت گهٽ رکڻ جو قانوني رستو کليل آهي جنهن سان ٽيڪس رهتون گهٽ رکندڙ سان آمدني جا ذريعا ۽ دولت لڪائيندڙ فائدو وٺي رهيا آهن، معاشي جائزي واري رپورٽ ۾ اسٽيٽ بينڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ غير دستاويز معيشت جو حجم ڪل قومي پيدا وار جي 70 کان 91 سيڪڙو وچ ۾ آهي ۽ ڳجهي نموني ڪمايل نفعي جو ڳچ حصو ملڪ جي پراپرٽي مارڪيٽ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، مرڪزي بينڪ موجب پاڪستان ۾ صوبائي ٽيڪس رهتون گڏوگڏ ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس ۽ اسٽامپ ڊيوٽي جي ڪاٿي لاءِ ضلعي ڪليڪٽر جون شرحون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، اهي شرحون ملڪيتن جي حقيقي قيمت کان گهٽ آهن ۽ انهن ۾ فرق مختلف شهرن جي لحاظ کان 2 کان پنجوڻ تائين آهي، ايف بي آر 2016 ۾ ڪيپيٽل ڪين ٽيڪس ۽ وڌ هولڊنگ ٽيڪس جي اڳاڙي لاءِ قيمت جا جدول متعارف ڪرايا هئا، جيڪي ڊي سي جي شرحن کان وڌيڪ، جڏهن ته حقيقي قيمتن کان تمام گهٽ هئا، پنجاب حڪومت 2018 ۾ نظرثاني ڪندي اڪثر علائقن لاءِ ڊي سي جون شرحون وڌائي ڇڏيون ۽ کين ايف بي آر جي قيمتن جي ويجهو ڪري ڇڏيو ته جيئن پراپرٽي ۽ ريئل اسٽيٽ کان ٽيڪس اڳاڙي وڌائي سگهجي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ اهي شرحون جيئن جو تئين برقرار آهن.

6Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں