ماضي ۾ ڪڏهن به ملڪ کي ايتري خساري سان منهن ڏيڻو ناهي پيو: وزيراعظم

9Shares

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ ڪڏهن به ملڪ کي ايتري خساري سان منهن ناهي ڏيڻو پيو، اميد نه هئي ته ادارن جون حالتون ايتريون خراب هونديون. اسلام آباد ۾ اوورسيز پاڪستانين لاءِ ”پاڪستان ٺاهيو سرٽيفڪيٽ“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خاب چيو ته هن وقت پاڪستان ڏکيائن مان گذري رهيو آهي، اميد نه هئي ته ادارن جون حالتون ايتريون خراب هونديون، ماضي ۾ ڪڏهن به ملڪ کي ايترو گھڻو خسارو نه هو، اقتدار سنڀالڻ کان کانپوءِ ترت ئي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وٽ وڃون ها ته عوام کي سخت ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پئي ها، تنهن ڪري اسان دوست ملڪن جو رخ ڪيو ته جيئن انهن کان فنڊ حاصل ڪري گذارو ڪيو وڃي، پاڪستان جي  سياحت کي هٿي ڏئي اربين ڊالر جي آمدني ڪري سگھجي ٿي، اسان جو مڪران جو ٻيٽ، اتر وارا علائقا سياحت لاءِ جنت آهن، جڏهن ته اسان رڳو سياحت سان ئي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو پورو ڪنداسين. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو اڄ بهترين وقت آهي، ڪاروبار ۾ واڌ لاءِ سولايون پيدا ڪيون پيون وڃن، ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، سموري دنيا ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت ڪرائينداسين ۽ پرڏيهي پاليسي شهرين جي مفاد ۾ ٺاهينداسين. اوورسيز پاڪستانين پرڏيهي ملڪن ۾ وڃي تمام گھڻي محنت ڪئي، انهن ۾ ملڪ جو قدر اسان کان وڌيڪ آهي، اوورسيز پاڪستانين جي ذهن ۾ ملڪ موٽڻ جو خيال ضرور هوندو آهي، جڏهن ته ”پاڪستان ٺاهيو سرٽيفڪيٽ“ سان اوورسيز پاڪستاني منافعو ڪمائي سگھن ٿا.

9Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں