نيب کي مذاق بڻايو ويو آهي، جاچ آفيسر کير سان ڌوتل ناهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

2Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نيب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته نيب جا جاچ آفيسر ڪي کير جا ڌوتل ناهن. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ڊويزن بئنچ آڏو سکر ۾ ترقياتي رٿائن اندر ڪرپشن ۽ اسٽنٽ ڪمشنر خلاف نيب جاچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ايڊيشنل پراسيڪيورٽر جنرل نيب پيش ٿيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته نيب جي مقامي پراسيڪيوٽرن کي ڪيسن بابت ڪا ڄاڻ ئي ناهي، نيب پراسيڪيوٽر رڳو اهو چئي ڇڏيندا آهن ته ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، سپريم ڪورٽ پاران اسٽي آرڊر ختم ڪرڻ لاءِ نيب ڇا قدم کنيا؟ ان جي ڪنهن کي خبر ناهي، نيب3-3 سال جاچ ڪري ٿي ۽ چوٿين سال چوي ٿي ته جوابدار گهربل ئي ناهي، نيب اداري کي ڇو مذاق بڻائي ڇڏيو آهي؟ ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻڌڻي هيٺ جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏنا ته نيب جا جاچ آفيسر ڪي کير سان ڌوتل سان ناهن. عدالت اسٽسنٽ ڪمشنر عبدالجبار خلاف جاچ ختم ڪرڻ جي رپورٽ منظور ڪري ورتي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں