جنسي هيسائڻ وارو معاملو : علي ظفر کي عدالت طلب ڪري ورتو

1Shares

لاهور (شوبز نيوز) سيشن ڪورٽ راڳي علي ظفر کي ميشا شفيق خلاف شاهدي لاءِ ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور جي سيشن عدالت ۾ علي  ظفر طرفان ڳائڻي ميشا شفيق خلاف ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ تي  ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران عدالت ميشا شفيق خلاف شاهدي لاءِ علي ظفر کي ذاتي حيثيت ۾ 9 فيبروري تي عدالت طلب ڪيو ويو.واضح رهي ته ميشا شفيق خلاف راڳي علي ظفر ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ميشا شفيق پاران هن تي لڳايل جنسي هراسان ڪرڻ وارو الزام ڪوڙو آهي، ميشا شفيق هن تي الزام سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ لڳايا آهن تنهنڪري عدالت ميشا شفيق کي بي بنياد الزام لڳائڻ لاءِ  ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں