ويسٽ انڊيز ويمن ٽيم پهرين ٽي-20 ۾ پاڪستان کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

2Shares

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي وومين ٽيم ٽن ٽي ٽوئنٽي مئچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين مئچ ۾ پاڪستان کي 71 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جي سائوٿ رن ڪلب ۾ کيڏي ويندڙ مئچ ۾ ويسٽ انڊين ٽيم جي ڪپتانميريسا اگوليرا ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون. ڏنل هدف کانپوءِ پاڪستان جي بيٽنگ لائن پاران مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي پيش ڪئي وئي ۽ پوري ٽيم 18 اوورن ۾ 89 رنسن تي ڍير ٿي وئي. گرين شرٽس پاران ڪپتان بسما معروف 38 رنسن سان نمايان رهي، جويريا خان 19 رنسن جي اننگ کيڏي، جڏهن ته 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به شامل نه ٿي سگهيا. ويسٽ انڊيز جي شيميلا ڪونيل 3، شاڪره سلمان ۽ انيسه محمد 2-2، ڊينڊرا ڊوٽن ۽ فلي فليچر هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ميچ ۾ 90 رنسن جي اننگز ۽ هڪ وڪيٽ حاصل ڪرڻ تي ڊينڊرا ڊوٽن کي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو. ان کان پهريان ويسٽ انڊين ويمن ٽيم پهريان بيٽنگ ڪئي ته پهرين وڪيٽ 34 ۽ ٻي 51 رنسن تي ڪري، جنهن کانپوءِ ٽين وڪيٽ تي ديندرا ڊوٽن ۽ چيڊن نيشن شاندار راند پيش ڪندي 109 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي. ديندرا ڊوٽن 90 ۽ نيشن 50 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيون. پاڪستان پاران نشرا سنڌو هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

2Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں