سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن ۾ ڏندچڪ، گارگند،18هين ترميم لاءِ هر حد تائين وينداسين: وڏو وزير

1Shares

 ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جو ايوان هل هنگامي ۽ شور شرابي سبب ڇڪتاڻ وارو رهيو، معاملو هڪٻئي تي الزام بازي کان وڌي گار گند تائين پهچي ويو، ايوان ۾ اپوزيشن ميمبرن پاران شڪايت ڪئي وئي ته سرڪاري بئنچن تي موجود هڪ وزير پاران گار ڏني وئي آهي، صوبائي وزيرن مڪيش ڪمار چاولا ۽ امتياز شيخ اپوزيشن جي اهڙي الزام جي ترديد ڪندي چيو ته ڪنهن به ڪا گار ناهي ڏني، اسپيڪر چيو تمعاملي جي جاچ ڪرائينداسون ۽ هن ڪارروائي دوران استعمال ٿيل تمام غير پارلياماني لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. صوبائي وزير سعيد غني ۽ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي وچ ۾ جهڙپ ٿي وئي، سعيد غني چيو ته ايوان ۾ ڪجهه بي شرم ماڻهو ويٺا آهن جيڪي ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا. تفصيل موجب ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ايوان جي ڪارروائي دوران صبح سان ئي تلخي ۽ ڪشيدگي وارو ماحول واضح نظر آيو، ايوان ۾ صحت کاتي بابت سوالن جو وقفو شروع ٿيو ته جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي صحت واري وزير عذرا پيچوهو کان دريافت ڪيو ته سنڌ جي جيلن ۾ اهڙو ڪهڙو وائرس آهي جو سياستدان جيل ۾ وڃن ٿا ۽ بيمار ٿي پون ٿا ۽ هو جيل ۾ ويندي ئي اسپتالن جو رخ ڪندا آهن، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هي ڪو سوال ناهي، آئون هن ايوان جو ڪسٽوڊين آهيان فيصلو ڪندس ته ڪهڙو سوال پڇي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙو نه، عارف جتوئي جي ان سوال تي پ پ ميمبرن احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کين تحمل کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪئي ۽ عارف مصطفيٰ جتوئي کي چيو ته توهان پنهنجي نشست تي ويهي رهو تنهن تي عارف جتوئي جو چوڻ هو ته مان نه ويهندس، مون کي ضمني سوال ڪرڻ ڏيو. عارف جتوئي کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان ۾ شور شرابو شروع ٿي ويو ان جي سوال جي لکت واري جواب ۾ اهو چيو ويو هو ته جيلن ۾ اهڙو ڪو به وائرس ناهي جنهن جو ذڪر فاضل ميمبر ڪيو آهي، پر عارف مصطفيٰ جتوئي لاڳيتو ان ڳالهه تي بضد رهيو ته کيس ضمني سوال پڇڻ جي اجازت ڏني وڃي. اسپيڪر چيو ته آئون ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺندس. اسپيڪر ايندڙ سوال ڪرڻ جي رولنگ ڏني جنهن تي اپوزيشن احتجاج شروع ڪري ڇڏيو ۽ ايوان جي ڪارروائي رڪجي وئي. ان موقعي تي عارف مصطفيٰ جتوئي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو وڃي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا جو چوڻ هو ته هي ڪو طريقيڪار ناهي، عارف جتوئي جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي تنهن تي اسپيڪر مڪيش ڪمار چاولا کي چيو ته ان کي پاڻ واري گوري ڏي ته جيئن آرام اچيس. آغا سراج چيو ته هتي ڪو ڊاڪٽر آهي، سوالن جي وقفي دوران صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا ۽ عارف جتوئي جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبر ارسلان تاج چيو ته پ پ ميمبر ايوان ۾ ڪهڙي زبان استعمال ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير امتياز شيخ اپوزيشن جي شور شرابي تي چيو ته هي منصوبابندي تحت ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ان دوران اپوزيشن جي ڪجهه ميمبرن پاران جن ۾ اپوزيشن اڳواڻ فردوس شميم نقوي به شامل هو، اسپيڪر کي شڪايت ڪئي ته هن ايوان ۾ سرڪاري بئنچن طرفان گار ڏيڻ جو آواز آيو آهي پر ڪجهه اپوزيشن ميمبرن گار ڏيڻ جو شڪ مڪيش ڪمار تي ظاهر ڪيو جنهن تي چاولا چيو ته اسيمبلي رڪارڊ ڪڍرايو مون ڪا به گار ناهي ڏني، اسپيڪر اپوزيشن ميمبرن کان پڇيو ته ڇا توهان کي گار ڏني وئي آهي؟ هن چيو ته ان جي جاچ ڪرايون ٿا گڏوگڏ هن ايوان جي ڪارروائي دوران استعمال ڪيل غير پارلياماني لفظن کي حذف ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. فردوس شميم نقوي چيو ته ڪنهن کي حق ناهي ته ايوان ۾ گار ڏئي. هن چيو ته ميمبر جو حق آهي ته هو سوال پڇي، هن اهو به مطالبو ڪيو ته گار ڏيڻ واري جو اسان کي جواب ڏنو وڃي. ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته هتي ڪنهن به ڪا گار ناهي ڏني، اپوزيشن ايوان جو ماحول خراب نه ڪري، گار واري جهيڙي تي ايوان ۾ مني ڪلاڪ تائين بحث مباحثو ۽ لفظن واري ڇڪتاڻ ٿيندي رهي جنهن دوران بلديات واري وزير سعيد غني جي فردوس شميم نقوي سان جهڙپ ٿي وئي ۽ هن ڪاوڙ ۾ اچي چيو ته هتي ڪجهه بي شرم صرف ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ ايندا آهن، ڪافي دير تائين جاري رهندڙ گرما گرمي بعد جڏهن ايوان جو ماحول ڪجهه ٿڌو ٿيو ته ميمبرن صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کان سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنا. پي ٽي آءِ جي ارسلان تاج جو چوڻ هو ته ڪهڙي وجهه آهي جو حيدرآباد ۾ ٽاءِ فائيڊ جو مرض ڦهلجي رهي آهي جنهن تي صوبائي وزير چيو ته قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾ ٽاءِ فائيڊ جو وائرس 2017ع ۾ ڦهليو ۽ هاڻي هي مرض ڪراچي ۾ به تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي. هن چيو ته بد قسمتي سان ماڻهن کي فراهم ڪيو ويندڙ پاڻي صاف ناهي، پاڻي کي ڪلورينيٽ ڪرڻ واٽر بورڊ ۽ واسا جي ذميداري آهي ان مرض جو وڏو سبب مضر صحت پاڻي جو استعمال آهي. ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته حيدرآباد ۾ ٽاءِ فائيڊ جا هڪ هزار کان وڌيڪ ڪيس ٿي چڪا آهن، صاف پاڻي جي فراهمي بلدياتي ادارن جي ذميداري آهي جنهن تي فردوس شميم نقوي چيو ته پ پ جي 11 سالا دور حڪومت ۾ صاف پاڻي فراهم نه ٿي سگهيو اڃا ڪيترا سال لڳندا. هن چيو ته صاف پاڻي نه هجڻ سان بيماريون ڦهلجي رهيون آهن منهنجي خواهش آهي ته عوام کي صاف پاڻي ملي. صحت واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي پر ڪجهه ڪم عوام کي پاڻ به ڪرڻ گهرجي، عوام کي گهرجي ته هو واٽر ٽينڪس ۽ سوئيمنگ پولز کي صاف رکي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ کي واضح اڪثريت آهي، اپوزيشن سنڌ جي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ تعاون ڪري جيڪڏهن هو ائين نه ڪندي ته اسان پنهنجي عددي اڪثريت ذريعي قانونسازي ڪنداسون. سنڌ اسيمبلي ۾ قانونسازي کان اسان کي ڪو به روڪي نٿو سگهي، 18هين ترميم جي مخالفت ڪندڙ سٺي نموني سان ٻڌي وٺن ته ان جي تحفظ لاءِ اسان آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هن اهڙو پاليسي بيان ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ اين آءِ سي وي ڊي بل 2018ع جي ٻيهر منظوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڏنو. ان بل کي گورنر ٻه ڏينهن پهريان سپريم ڪورٽ جو حوالو ڏيندي اعتراض لڳائي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ڏانهن واپس موڪليو هو. ڪالهه صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران گورنر پاران واپس اماڻيل بل کي ٻيهر ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن جي ايوان ٻيهر منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد اهو بل پنهنجو پاڻ قانون جو حصو بڻجي ويو. سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊيزز جو بل جنهن کي سنڌ اسيمبلي هلندڙ سيشن ۾ منظور ڪيو هو تنهن کي گورنر اهو اعتراض هڻي واپس موڪليو هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت اين آءِ سي وي ڊي نالو تبديل ڪرڻ صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ ناهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان بل جي منظوري بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته گمبٽ اسپتال ۾ فيصل آباد، بلوچستان، افغانستان ۽ خيبر پختونخواه مان مريض علاج لاءِ اچي رهيا آهن اهي اسان جا ادارا آهن جن کي ڪجهه ماڻهو ٻوڙڻ چاهين ٿا. هن جذباتي انداز ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي قانونسازي کان ڪو به روڪي نٿو سگهي، اسان وڏي محنت ۽ قيادت جي ويزن تحت اهي ادارا ٺاهيا آهن هاڻي انهن ادارن کي ڪڏهن به تباهه ٿيڻ نه ڏينداسون. هن چيو ته اسان کي پورو يقين آهي ته اين آءِ سي وي ڊي سنڌ حڪومت کي واپس ملندي. وڏي وزير چيو ته جناح اسپتال جيڪڏهن الڳ ٿي وئي ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويندو. مراد علي شاهه چيو ته ماڻهو 18هين ترميم خلاف آهن اهي ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته اسان ان ترميم جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته وزيراعظم کي فنڊز ڏيڻ لاءِ خط لکيا هئا پر انهن خطن جو ڪو به جواب ناهي مليو. وڏي وزير چيو ته آئين چوي ٿو ته صحت صوبائي معاملو آهي، اسان پنهنجو حق ڪنهن کي به کڻڻ نه ڏينداسون. هن اپوزيشن کي مخاطب ٿيندي چيو ته بل جي منظوري لاءِ اسان جو ساٿ ڏين، جيڪڏهن اپوزيشن ساٿ نه ڏيندي ته اسان پنهنجي عددي اڪثريت سان هن ايوان ۾ قانونسازي ڪنداسون بعد ۾ ايوان گورنر سنڌ پاران اعتراض کي رد ڪندي اين آءِ سي وي ڊي بل ٻيهر منظور ڪري ورتو. ان کان پهريان صحت واري وزير جو چوڻ هو ته اين آءِ سي وي ڊي بل تي سپريم ڪورٽ فيصلو لاڳو نٿو ٿئي. هن چيو ته اسان قومي اداري بابت عدالت ۾ ان فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪري رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي اثاثن جو تحفظ ڪرڻو آهي. هن جو چوڻ هو ته اين آءِ سي وي ڊي بل ذريعي اسان پنهنجا ادارا ٺاهي رهيا آهيون، سنڌ حڪومت اين آءِ سي وي ڊي تي 8 ارب رپيا خرچ ڪندي آهي. جي ڊي اي جي شهريار مهر چيو ته اسان وفاق جو حصو آهيون، اسان کي وفاقي حڪومت کان واڌو فنڊ وٺڻ گهرجن تنهن تي صوبائي وزير چيو ته ٽن اسپتالن کي وفاقي حڪومت پاران تحويل ۾ وٺڻ آئيني طور تي غلط آهي. 18هين ترميم بعد وفاق جو ڪم ريگيوليٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي تي اسان نظرثاني واري درخواست ذريعي اداري کي واپس وٺنداسون. هن جو چوڻ هو ته جناح اسپتال ۽ اين آءِ سي وي ڊي بابت عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هي انساني حقن خلاف ورزي آهي. صحت واري وزير چيو ته ڇا خدمتون فراهم ڪرڻ انساني حقن خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ جناح اسپتال ريسرچ انسٽيٽيوٽ نه پر خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا آهن. بعد ۾ اجلاس ايندڙ سومر 4 فيبروري تائين منجهند جو 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي اسٽيوٽا ترميمي بل 2019ع ايوان ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو، اهڙو بل پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا پيش ڪيو. صوبائي وزير جي درخواست تي بل تي وڌيڪ غور ڪرڻ لاءِ سليڪٽ ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو. جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ايم اي جي ميمبر عبدالرشيد جي هڪ مهملي واري رٿ تي غور ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪيو ويو. رٿ پيش ڪندڙ پنهنجي رٿ ذريعي ڪراچي ۾ حددخلين خلاف جاري مهم تي ايوان ۾ بحث چاهي ٿو ۽ هن جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪمن کي غلط استعمال سان ڪراچي کي تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. هوڏانهن  سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي محمد حسين پنهنجي اعتراض واري نقطي تي صوبي ۾ ڊاڪٽرن جي احتجاج ڏانهن ايوان جي توجهه ڏياري، هن جو چوڻ هو ته حڪومت هڙتال تي ويندڙ ڊاڪٽرن سان ڳالهيون ڪري صوبي جو عوام پريشان آهي، او پي ڊيز بند آهن تنهن تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته اسين معاملي کي ڏسي رهيا آهيون، ڊاڪٽرن جي مطالبن تي ٻڌل سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي آهي. هن چيو ته هڙتال تي ويل ڊاڪٽر ڊيوٽين تي واپس اچي وڃن سندن مطالبا منظور ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، هو اسان جي ڳالهه تي يقين ڪن.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں