مني لانڊرنگ ڪيس: فريال ٽالپر ۽ انور مجيد سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيلون داخل ڪرائي ڇڏيون

1Shares

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽ جي جاچ بابت ڪيس جي معاملي تي ڌار نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فريال ٽالپر درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس اختيارن تي سوال اٿاريو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڇا پاڻمرادو نوٽيس جا اختيار لامحدود آهن، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ وٽ ڄاڻايل آرڊر جاري ڪرڻ جا اختيار نه آهن، درخواست ۾ چيو ويو ته درخواست گذار ۽ آصف زرداري خلاف 6 جولاءِ 2018 تي ايف آٰءِ اي پرچو داخل ڪيو، درخواست ۾ چيو ويو ته ايف آءِ آر ۾ الزام مڙهيو ويو ته اي ون انٽرنيشنل جي اڪائونٽ مان ڏيڍ ڪروڙ رپيا منتقل ٿيا، ايف آءِ اي 21 جولاءِ 2018 تي عبوري چالان پيش ڪيو، درخواست ۾ چيو ويو ته درخواست گذار ايف آءِ اي سان مڪمل تعاون ڪيو، درخواست ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي بينڪنگ ڪورٽ ۾ فائنل چالان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، درخواست گذار سپريم ڪورٽ کي ڪيس ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، سپريم ڪورٽ 7 جنوري جي حڪم نامي ۾ نيب ۽ جي آءِ ٽي کي جاچ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي، درخواست ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل حڪم مڪمل طور تي قانوني آهي، حڪم تي نظرثاني گهربل آهي، درخواست فاروق ايڇ نائيڪ ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ 7 جنوري جي فيصلي تي نظرثاني جي اپيل ڪئي وئي، درخواست موجب ايف آءِ اي سمورن ادارن جي مدد جي باوجود ڪي به ڏوهه جوڳا ثبوت تلاش نه ڪري سگهيو آهي، هن چيو ته جي آءِ ٽي اڳيان پيش ٿيس ۽ لکت ۾ جواب ڏنو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ تسليم ڪيو ته جي آءِ ٽي قبول جوڳا ثبوت نه آڻي سگهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم سان فيئر ٽرائيل جو حق متاثر ٿيندو، درخواست ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ غير آئيني ۽ غير ضروري آهي. ٻئي طرف انور مجيد ۽ ٻين جعلي بينڪ اڪائونٽ واري ڪيس جي سپريم ڪورٽ جي 7 جنوري جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي، اربع تي نظرثاني اپيل شاهد ايڊووڪيٽ ۽ عائشا حامد ايڊووڪيٽ داخل ڪئي، اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 7 جنوري جي حڪم نامي ۾ لچڪ آهي جنهن کي صحيح ڪرڻ ضروري آهي، درخواست ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي ۽ نيب ڪراچي ۾ جاچ ڪري سگهي ٿي، سمورا الزام ڪراچي بابت آهن، سمورا شاهد به ڪراچي سان تعلق رکن ٿا، نيب اسلام آباد ۾ ريفرنس ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم غير قانوني آهي، اسلام آباد ۾ جاچ واري حڪم تي نظرثاني ڪئي وئي، اپيل ۾ فيئر ٽرائيل لاءِ درخواست ڏيندڙ کي مڪمل رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ درخواست ۾ چيو ويو ته هي ڪيس نيب نه پر ايف آءِ اي بابت آهي، ايف آءِ اي بيڪنگ ڪورٽ ۾ چالان پيش نه ڪري سگهيو آهي، ڪيس کي غير قانوني طور اينگهايو پيو وڃي، درخواست گذار جي صحت خراب آهي ۽ هن ان ڏس ۾ ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪيون، ايف آءِ اي کي هدايت جاري ڪئي وڃي ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪري، درخواست ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي رپورٽ پيش ڪري چڪي آهي، وڌيڪ جاچ جو ڪو جواز نه آهي، جي آءِ ٽي جي وڌيڪ جاچ سان درخواست گذار جي فيئر ٽرائيل جو حق متاثر ٿيندو تنهنڪري 7 جنوري واري حڪم نامي تي نظرثاني ڪئي وڃي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں