سڀ خبر آهي ته سنڌ جا وڏيرا ڪيترو حساب رکن ٿا، ڊرائيورن جي اڪائونٽن مان لکين رپيا منتقل ٿين ٿا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

1Shares

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي بابل ڀيو جي ضمانتواري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته کيس سڀ خبر آهي ته سنڌ جا وڏيرا ڪيترو حساب ڪتاب رکن ٿا، لکين رپيا ڊرائيور جي اڪائونٽس مان منتقل ٿيندا رهيا آهن، ڇا ڪو اهڙو وڏيرو آهي، نيب شڪارپور جي 7 سئو 12 وڏيرن کي ڇڏي رڳو هڪ خلاف ڇو انڪوائري پيو ڪري؟ چيف جسٽس، جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ پيپلزپارٽي جَي ايم پي اي بابل ڀيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. بابل ڀيو جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل هر شيءِ جو حساب ڪتاب رکي ٿو، کيس هن ڪيس ۾ بنا جواز گهليو ويو آهي، ضمانت منظور ڪئي وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته کيس سڀ خبر آهي ته سنڌ جو وڏيرو ڪيترو حساب ڪتاب رکي ٿو، لکين رپيا ڊرائيور جي اڪائنٽس ۾ منتقل ٿيندا رهيا، ڇا سنڌ جو هڪ اهڙو ملازم آهي، جيڪو پنهنجي ملازمن کي سڌيءَ ريت اڪائونٽس ذريعي پگهار ڏيندو هجي. چيف جسٽس نيب جـَي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته شڪارپور ۾ 7 سئو 12 وڏيرا آهن، رڳو هڪ جي خلاف انڪوائري ڇو ٿي رهي آهي؟ نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته بابل ڀيو ۽ سندس ڊرائيور جَي ذريعي ٺيڪيدارن جي پئسن جِي غير قانوني ٽرانزيڪشن ٿي. نيب موجب جوابدارن تي چار ڪروڙ 80 لک رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، هن ڪيس ۾ مقصود ڀيو ۽ افضل ڀيو به نامزد آهن، جڏهن ته ريفرنس ۾ 2 جوابدار روپوش آهن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ بابل ڀيو جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں