“ساهيوال آپريشن جو طريقو غلط هو” پنجاب جي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پاران اسٽينڊنگ ڪاميٽي آڏو اعتراف

1Shares

اسلام آباد(بيورو) ساهيوال واقعي تي پنجاب جي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اڳيان اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مڃون ٿا ته دهشتگردي ٽوڙ ڪارروائي جو طريقو درست نه هو. سينيٽ جي انسانيحقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران پنجاب جو ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري فيصل اصغر ڪميٽي کي ساهيوال واقعي تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پنجاب جي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري چيو ته دهشتگردي ٽوڙ ڪارروائي جو طريقو صحيح نه هو، ڏسڻ گهرجي ها ته ڪار اندر ڪير ويٺل آهي، جيڪڏهن ٻارڙا آهن ته ڪنهن منزل تي پهچي ڪري ڏسن ها. ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب چيو ته خدشن باوجود اهو مڃون ٿا ته غلط ڪيو ويو. فيصل اصغر ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته مانگا منڊي جي ڪيميرا ساڍي نائين وڳي گاڏي کي رپورٽ ڪيو، اميد ڪئي پئي وئي ته دهشتگرد پنهنجو ٺڪاڻو تبديل ڪري ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهيا آهن، ٿريٽ الرٽ به هو ته وڏي دهشتگردي جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي ۽ ٻنهي امڪانن جي بنياد تي ڪارروائي ٿي. ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب چيو ته ڪار مان فائر ٿيو يا نه اهو جي آءِ ٽي جي جاچ مان واضح ٿيندو، واقعي جو وقت ساڍا يارنهن، پوڻا 12 هو، ان مقابلي ۾ ذيشان ۽ خليل ۽ سندن خاندان مارجي ويو هو ۽ هن وقت تائين اهو ته واضح آهي ته خليل ۽ سندس خاندان بيگناهه هئا. ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب چيو ته 13 جنوري کان اڳ تائين دهشتگردي بابت عديل ۽ عثمان جون تصويرون هيون، ذيشان جي نه هئي ۽ پهريون ڀيرو 13 جنوري تي انهن ٻنهي سان گڏ ٽئين شخص کي ڏٺو ويو جيڪو ذيشان هو، ڪار جي هڪ تصوير هئي، ان سان گڏ هڪ ٻي ڪار به نظر ۾ آئي. گاڏي ساهيوال کان فيصل آباد وئي، انٽيلجنس سندن پويان هئي جتي هڪ ٺڪاڻي تي انٽيلجنس بيسڊ آپريشن ٿيو جنهن ۾ عديل ۽ عثمان مارجي ويا ۽ ذيشان پنڌ مختلف رستن کان ٿيندو فرار ٿي ويو هو. ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب چيو ته هاءِ الرٽ هو ته گاڏي وارا ئي بدلو وٺندا ڇاڪاڻ ته هو هر وقت گڏ هوندا هئا، گهٽي ۾ گاڏي ٽريس ٿي جنهن تي نظر رکڻ شروع ڪئي وئي ان تي ڪير اچي وڃي ٿو ۽ 19 جنوري تي جڏهن گاڏي گهٽي مان نڪتي ته خبر نه پئجي سگهي، گاڏي عام رستن بدران ڪنهن ٻئي پاسي کان نڪتي ۽ مانگا منڊي ڪيميرا تي پهتي ته ان کي فالو ڪرڻ شروع ڪيو ويو. فيصل اصغر ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ سم هٿ آئي هئي جنهن جي لوڪيشن ذيشان جي گهر اڳيان آئي، فيصل آباد ۾ مارجي ويل ٻن دهشتگرد جڏهن 13 جنوري تي ساهيوال ۾ ڏٺا ويا ته اتان هو لاهور مان ذيشان جي گهران نڪتا هئا ۽ فيصل آباد تائين وڃڻ وقت وائيس پيغام هو ته ڪٿي پهتين، ٽول پلازا اچي ويو، چهرو لڪائي نڪرجان وغيره، ان کانسواءِ عديل جي موبائيل مان ذيشان جي سيلفي ملي، جنهن کانپوءِ ڳولا شروع ڪئي ته ڪار ڪٿي آهي، پوءِ ڪچا جيل روڊ تي ڪار نظر آئي. ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب چيو ته افغانستان مان داعش جي ڪال به پڪڙي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته عديل ۽ عثمان مارجي ويا، بدلي ۾ دهشتگردي جو وڏو واقعو ڪرڻو آهي ۽ 17 جنوري جي رات تي مصري شاهه مان وڏن وڏن باڪسن ۾ بارودي مواد پڪڙيو ويو. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب کان سوال ڪيو ته ٻار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس والد پئسا پڻ آفر ڪيا، جيڪڏهن سندس بيان درست آهي ته پوءِ اوهان جو بيان غلط آهي، جنهن تي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري پنجاب فيصل اصغر چيو ته ٻار جو بيان صدمي جو نتيجو به ٿي سگهي ٿو. سينيٽر بيئرسٽر سيف چيو ته واقعي جي فورن بعد آيل بيان جي قانوني حيثيت تمام گهڻي قبول ڪرڻ جوڳي آهي، اوهان ٻار جي بيان کي ايترو هلڪو نه وٺو، پوليس کي جي آءِ ٽي جوڙڻ جي اجازت ئي نه هجڻ گهرجي، پوليس سڀ ثبوت ختم ڪري ڇڏيا آهن. بيئرسٽر سيف سوال ڪيو ته گاڏي مان ملندڙ جيڪٽس ۽ هٿيار ڪٿي آهن، جيڪڏهن اهي اڃا تائين سامهون ناهن آيا ته ثبوت بدلايا ويا آهن، جيڪڏهن ته اوهان جو مقصد رڳو مارڻ هو ته ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان ڪلنگ اسڪواڊ بڻيل آهيو، اوهان چئي رهيا آهيو ته هر روز دهشتگرد ماريندا آهيون، ڪهڙي خبر انهن مان به اڪثر بيڏوهه هجن. سينيٽر بيئرسٽر سيف چيو ته رائو انوار به ائين ئي ڪندو هو، خبر ناهي ته هو ڪيئن دهشتگرد ماريندو هو، جن طرفان اڪثر فائر به نه ڪيو ويندو هو.  ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ايڪشن ايبل انٽيلجنس ڄاڻ باوجود 17 يا 18 جنوري تي ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں