سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج، او پي ڊي بند، حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب

1Shares

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڊاڪٽرز ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي او پي ڊيز بند ڪري ڇڏيون آهن ، جنهن سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته مطالبا تسليم ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي سميت صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرز احتجاج ڪندي او پي ڊيز بند  رکيون آهن.  ڪراچي جي جناح اسپتال، سول اسپتال ،لياري اسپتال سميت سموري ضلعي اسپتالون جون او پي ڊيز بند رهيون، وارڊز مان به ڊاڪٽرز غائب رهيا.  مسيحائن جي بي حسي سبب ٽن ڏينهن دوران 3 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي ينگ ڊاڪٽرن پاران اسپتال ۾ ايندڙ مريضن سندن جي وارثن سان ظلم، بيحسي ۽ زيادتي ڪرڻ واري صورتحال برقرار، اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض احتجاج ڪندڙ ينگ ڊاڪٽرن جا دڙڪا کائڻ کان پوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن مايوس ٿي روانا ٿي وڃڻ تي مجبور ٿي ويا، سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل ڪيترن ئي مريضن جون زندگيون موت سان جنگ ڪرڻ لڳيون، ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي جي ينگ ڊاڪٽرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اتر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي سڀني اسپتالن جي او پي ڊيز جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪرڻ کان پوءِ سنڌ سميت بلوچستان جي مختلف شهرن وارھ، شهداد ڪوٽ، لالو رائنڪ، قمبر، ڏوڪري، نئون ديرو، رتوديرو، باقراڻي، مدئجي، وڳڻ، نصيرآباد، ٽيپل، استا محمد، شڪار پور، ٺل، خاران، ڪوئٽه، سيهڙ، باڊھ، راڌڻ، بنگل ديرو، ميروخان، سجاول جوڻيجو، قبو سيعد خان، جهل مگسي، دوست علي بنگلا سميت لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن کان اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض توڙي سندن جا وارث سخت مشڪلاتن جي ور چڙهي ويا، جڏهن ته ڊاڪٽرن پاران اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ ماڻهن کان غلط ۽ سخت رويو رکڻ وارو سلسلو پڻ جاري، جنهن سبب اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ ماڻهو نااميد ٿي ڊاڪٽرن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃڻ لڳا، پر اهڙي سنگين صورتحال جو سنڌ حڪومت توڙي صحت کاتي ڪو به نوٽيس نه ورتو، جڏهن ته ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جا اعليٰ عملدار هن سنگين معاملي جو نوٽيس وٺي احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن سان ڳالهيون ڪري مسئلي کي فورن طور تي حل ڪري اسپتالن ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن ۽ سندن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.        هوڏانهن اسپتالن ۾ علاج لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن سميت بلوچستان کان ايندڙ مريضن ۽ انهن جي وارثن پاران اسپتال ۾ ڊاڪٽرن طرفان علاج نه ڪرڻ واري عمل خلاف سول اسپتال جي او پي ڊي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ساجد حسين تنيو، ڪاشف حسين کوکر، محمد مراد مغيري، امداد علي گوپانگ، غلام مرتضيٰ، خالد حسين، عبدالفتاح ڪورائي، هدايت الله جاگيراڻي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان غريب، مسڪين، بي سهارا ڪرايا ڀاڙا ڀري علاج ڪرائڻ لاءِ هتي پهتا آهيون، پر افسوس جو هتان جي ڊاڪٽرن پنهنجي مرضي هلائيندي او پي ڊيز بند ڪري اسان کي درپدر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جا ڪيترائي ماڻهو بيماري سبب تڙپي رهيان آهن، پر پوءِ به ڊاڪٽرن کي ڪو احساس نه ٿي رهيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر اسان کي واپس گهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ڌمڪيون پڻ ڏيئي رهيا آهن، جڏهن ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ حڪومت سميت صحت کاتي کي اپيل ٿا ڪريون ته لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن جي هن ڪڌي عمل جو فوري طور تي نوٽيس وٺي، سندن کان سخت پڇاڻو ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.  ٻئي طرف پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال نوابشاهه جي ڊاڪٽرن پاران اڄ ٽئين ڏينهن به ڊوٽين جي بائيڪاٽ سبب نوابشاهه جي مختلف ضلعن مان ايندڙ مريض دربدر ٿي ويا، او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب ڪيترائي مريض سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا،  ٽئين ڏينهن به ينگ ڊاڪٽرس ايسوسي ايشن پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پنهنجي ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ او پي ڊي کان نوابشاهه پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ۽ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ينگ ڊاڪٽرس ايسوسي ايشن جي صدر ڊاڪٽر محسن مينگل، ڊاڪٽر وسيم زرداري، ڊاڪٽر مريم، ڊاڪٽر نوشين ۽ ڊاڪٽر عمران جمالي چيو ته سنڌ جي ڊاڪٽرن سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن. هوڏانهن مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊاڪٽرن  ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ڊاڪٽر سرو مل ۽ ڊاڪٽر ڍالو مل  ۽  ٻين   جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي  2 ڪلاڪن تائين ٽوڪن هڙتال ڪري  او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو  ان دوران ڊاڪٽرن  چيو ته سنڌ جي  ڊاڪٽرن کي پنجاب جي ڊاڪٽرن  جيان مراعتون ڏئي انھن کي معاشي طور مستحڪم ڪيو وڃي  ته جيئن ھو پنھنچو گذر سفر ڪري سگھن ـ ھنن چيو ت هڊاڪٽر ايمانداري سان پنھنجو فرض ادا ڪري مريضن جي خدمت ڪن ٿا پر حڪومت کين نظر انداز ڪري  جائز حق به نٿي ڏئي ـ ھنن وڌيڪ چيو ت ڪوھستان جي ڊاڪٽرن کي ب ٿرپارڪر جي ڊاڪٽرن وانگر ھارڊ ايريا الائونس ڏئي سندن احساس محرومي ختم  ڪئي وڃي  سکر ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال، مختلف علائقن کان آيل مريض رلي ويا، بيوسيءَ جو شڪار بڻيل، شهرين پاران ڊاڪٽرن جي رويي خلاف احتجاجي مظاهرو، پتلي کي باهه ڏئي نعريبازي. ان حوالي سان سڄي سنڌ سميت سکر ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي ۽ ڪلارڪن سول اسپتال سميت سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن ۾ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو، آغا سميع الله پٺاڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته اسان جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ڊاڪٽرن جي احتجاج سبب مختلف علائقن کان آيل ڪيترائي مريض اسپتال ٻاهران علاج جو انتظار ڪندا رهيا. پر ڪنهن به ڊاڪٽر کي غريب مريضن تي ڪابه ڪهل نه آئي. ٻئي طرف سول سوسائٽي جي سڏ تي ڊاڪٽرن جي رويي خلاف شهرين مولانا عبيدالله ڀٽو، اشفاق ڀٽي، حبيب الله انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پتلي کي باهه ڏئي ڇڏي. هنن چيو ته ڊاڪٽرن جي رويي سبب مريض بيوسيءَ جو شڪار بڻيل آهن. ڀرياسٽي، شهدادپور، شهدادڪوٽ، راڻيپور، ميرپور ساڪرو، ٺٽو، ٽنڊو آدم، عمرڪوٽ سميت سڄي سنڌ ۾ ڊاڪٽرن مظاهرا ڪيا. ٻئي طرف سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. سنڌ ۾ ٽن ڏينهن کان ينگ ڊاڪٽر پنهنجن مطالبن لاءِ هڙتال تي هئا. سنڌ حڪومت جي سڌُ سماءَ بابت صلاهڪار مرتضيٰ وهاب ۽ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب حڪومت ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي جو اڳتي لاءِ هڙتال نه ڪرڻي پوي. مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته سنڌ جي سڀني اسپتالن ۾ او پي ڊي کولي ويندي، ڊاڪٽرن کي ڏهه هزار رپيا وظيفو ڏنو ويندو. هن چيو ته ڊاڪٽرن جو مطالبو هيو ته هنن جي پگھار پنجاب جي ڊاڪٽرن جي برابر ڪئي وڃي. صحت کاتي جو شعبو سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته مسئلو ترت حل ڪري سگھون، ڊاڪٽرن به خاطري ڪرائي آهي ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته 12 بدران 14 ڪلاڪ ڪم ڪنداسين. ينگ ڊاڪٽرز جي ترجمان ٻڌايو ته سنڌ حڪومت اسان جا مطالبا قبول ڪيا آهن ۽ اڄ کان او پي ڊي شروع ٿي ويندي. اسان جو حڪومت سان ورڪنگ رليشن شپ ٿي ويو آهي. ينگ ڊاڪٽرن جي احتجاج سبب اسپتالن جون سڀئي او پي ڊيز بند هيون جنهن سبب سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پيو . ينگ ڊاڪٽرز جا مطالبا حق ۾ پيپلز پارٽي ميڊيڪل اسپتال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريل به ڪڍي وئي هئي. ريلي ۾ شريڪ ڊاڪٽرز مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي.سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز جو مطالبو آهي ته هنن جون پگھارون ۽ الائونس ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪيا وڃن.لاڙڪاڻي ۾ به مطالبن جي حق ۾ ٽن ڏينهن تائين هڙتال جاري رهي ۽ سڀني سرڪاري اسپتالن جون او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري سول اسپتال جي اڳڻ ۾ احتجاجي درڻو ڏنو ويو. ڊاڪٽرن جي غير موجودگي سبب پري پري کان آيل مريضن ۽ وارثن کي سخت پريشاني سان منهن ڏيڻو پيو. ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن لاڙڪاڻي پاران احتجاجي ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ليڊي ڊاڪٽرز شريڪ ٿيون. حيدر آباد ۾ به ينگ ڊاڪٽرز ٽن ڏينهن تائين هڙتال ڪئي ۽ سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو. ڊاڪٽرز سول اسپتال، ڀٽائي اسپتال ۽ قاسم آباد اسپتالن ۾ او پي ڊي بند ڪري ڇڏي ۽ سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز سڀني شعبن کي تالا لڳائي ڇڏيا.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں