مالياتي ايوارڊ آبادي بدران روينيو اوڳاڙين آڌار جوڙڻ جو مطالبو، شين تي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي صوبن حوالي ڪئي وڃي: وڏو وزير

4Shares

ڪراچي (چيف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه چيو ته اين ايف سي ۾ ڪارڪردگيءَ جو معيار ۽ شرح ۾ واڌ جي حوالي سان آباديءَ کي اهميت ڏني وئي آهي جڏهن ته ان کي گهٽ ڪري روينيو جنريشن کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته هُو ناڻي رٿابندي ۽ ترقي وارن کاني ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو جي ٽيم سان مشاورت کانپوءِ ايندڙ اين ايف سي اجلاس لاءِ سنڌ جو ڪيس تيار ڪري رهيو آهي. هن اها ڳالهه  سومر ڏهاڙي نيشنل فنانس ڪميشن (اين ايف سي) جي 6 فيبروري 2019ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تياريءَ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ناڻي وارو سيڪريٽري نجم شاهه، سينئر ميمبر سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) نور عالم، ڊاڪٽر اسد سيد، ايس آر بي چيف اڪنامڪس ڊاڪٽر نعيم ظفر، ايس آر بي ڪنسلٽنٽ مشتاق ڪاظمي، نواز لغاري، اين ايف سي ڪنسلٽنٽ قاضي مسعود، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس ڊاڪٽر سيد اشرف واسطي ۽ اين ايف سي ڊائريڪٽر الطاف سومرو شرڪت ڪئي. هن چيو ته هول سيلز ۽ ريٽيل سيلز خدمتن جي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا پر ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ان تي سيلز ٽيڪس وصول ڪري رهيو آهي، سنڌ روينيو بورڊ (ايس آر بي) بهتر ريت ٽيڪس وصول ڪري سگهي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته شين تي سيلز ٽيڪس ايس آر بي کي گڏ ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو ان حوالي سان وڌيڪ فعال آهي. ايف بي آر بدران ايس آر بي اهي ٽيڪس گڏ ڪري سگهي ٿو ۽ ان تي سروس چارج مقرر ڪري سگهجي ٿو، اهڙي ريت وفاقي حڪومت متروڪه جائيداد تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس (سي جي ٽي) گڏ ڪندي آهي. سي جي ٽي کي لاڳو انڪم ٽيڪس آرڊيننس جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته ارڙهين ترميم تحت اهو ٽيڪس صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير گيس انفراسٽريڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) بابت ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ڊي سي کي صوبن کي منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته اهو صوبائي مامرو آهي. سنڌ حڪومت کي جي آءِ ڊي سي تحت اڃا تائين وفاقي حڪومت پاران گڏ ڪيل رقم مان ان جو جائز حصو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خام تيل ۽ قدرتي گيس تي ايڪسائيز ڊيوٽي آئين جي آرٽيڪل 161 تحت صوبن کي ڏني وئي آهي. هن چيو ته  هو وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندو ۽ مٿس زور ڀريندو ته قدرتي گيس تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ستين اين ايف سي ۾ اهو 10 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪيو ويو هو ۽ ان کي محصول جي حساب سان چارج ڪرڻ گهرجي. خام تيل/ قدرتي گيس تي رائلٽي جي حوالي سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت خام تيل/ قدرتي گيس تي رائلٽي گڏ ڪندي آهي ۽ سندن وصولين جو 2 سيڪڙو بطور ڪليڪشن في جي چارج ڪندي آهي. هن چيو ته هاڻ صوبن کي پاڻ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. مراد علي شاهه اوڪٽرائي ۽ ضلع ٽِيڪس (او زيڊ ٽي) تي سندس حڪومت جو موقف ٻڌائيندي چيو ته اوڪٽرائي هڪ ڪنزمشن ٽيڪس آهي ۽ سنڌ جو حصو 46 سيڪڙو آهي جڏهن کان ان کي انهن پاڻ گڏ ڪرڻ انتظام ڪيو ته وفاقي حڪومت اڳتي آئي ۽ ان سنڌ کي چيو ته اها او زيڊ ٽي گڏ ڪرڻ بند ڪري ۽ ان جي بدران ان جي تلافي وفاقي حڪومت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ان مقصد لاءِ وفاقي حڪومت سيلز ٽيڪس جي شرح 12.5 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو ڪري ڇڏي ۽ اضافي 2.5 سيڪڙو ٽيڪس بطور صوبن جي معاوضي طور استعمال ٿيڻو هو. هن چيو ته 2010ع ۾ وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ جيڪو آبادي وغيره بنياد تي هو ۽ او زيڊ ٽي جي مد ۾ فنڊز منتقل ڪرڻ شروع ڪيا جنهن سان سنڌ جو حصو 0.66 سيڪڙو گهٽ ٿي ويو. هن وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته اهي او زيڊ ٽي ۾ سنڌ جو حصو گهٽ ۾ گهٽ 2 سيڪڙو وڌايو وڃي. ٽيڪس سڌارا: ٽيڪس سڌارن بابت تجويز ڏيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ايف بي آر ٽيڪس روينيو پروجيڪشن تمام ريفنڊس جن جي اجازت ڏني وئي آهي/ ادا ڪئي وئي آهي تي ٿيڻ گهرجي نه ڪي ايف بي آر جي وڌ هولڊ ريفنڊ جي بنياد تي. هن مطالبو ڪيو ته ايف بي آر کي گهرجي ته اهي ورڇ جوڳي پول مان ٽيڪس حاصل نه ڪرڻ تي ڏنڍ لاڳو ڪيو وڃي. وڏي وزير اهو پڻ مطالبو ڪيو ته رعايت ڏيڻ، سيلز ۽ ٻين ٽيڪس خاص طور تي صنعت ۾ گهٽ ڪرڻ، ٽيڪسن جي شرح تبديل يا ختم ڪرڻ جي حوالي سان صوبن سان مشاورت ڪرڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته صوبن جي صلاح بغير ايل اين جي تان 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو. هن تجويز پيش ڪئي ته ٽيڪس خرچ (جهڙوڪ ڇوٽ، ڪٽوتي يا قرض) کي گهٽ ڪرڻ گهرجي۔ هڪ ٻي ٽيڪس ريفارم تجويز ڏيندي وڏي وزير چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ٽيڪس ڪليڪشن کي حقيقت پسنداڻو بڻائڻ، ٻنهي سطحن تي ٽيڪس بيس کي واڌ ڏيڻ، ڊپليڪيٽ ٽيڪسيشن جو خاتمو ۽ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي روينيو جنريشن تي اسٽڊي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ بين الاقوامي ماهرن تي ٻڌل گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي. خاص پول جي مخالفت: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ان ڳالهه جي خواهشمند آهي ته گڏيل ورڇ جوڳي پول جو 7 سيڪڙوسماجي شعبي ۽ سڪيورٽي تي خرچ ڪرڻ لاءِ خاص پول جو حصو بڻايو وڃي. هن واضح ڪيو ته سنڌ حڪومت ان تجويز تي راضي نه ٿيندي ڇاڪاڻ ته خيبر پختون خواهه کي دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ٿيل سندن نقصان جي ازالي لاءِ اضافي هڪ سيڪڙو حصي جي اجازت ڏني وئي آهي حالانڪه وڌيڪ دهشتگرد ڪراچي ڏانهن آيا آهن ان جي نتيجي ۾ صوبائي حڪومت کي سڪيورٽي جي مد ۾ پنهنجن خرچن اضافو ڪرڻو پيو آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 148 ۾ وفاقي حڪومت امن امان کي برقرار رکي، انڪري هن وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته اهي سڪيورٽي تي انهن جا اضافي خرچ واپس ڪيا وڃن. هن چيو ته قبائلي علائقا هاڻي ڪي پي ڪي جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ صوبي جو اهو موقف آهي ته ان جي آبادي ۾ اضافي جي بنياد تي اين ايف سي ڏنو وڃي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 161 تحت ورڇ پول مان صوبن جو حصو گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي. مراد علي شاهه ايڪيولائيزيشن پيمنٽس جي ريشنلائيزيشن بابت ڳالهائيندي چيو ته ايڪيولائيزيشن آف پيمنٽ نقد ادائيگيون آهن جيڪي گهٽ ترقي يافته صوبن کي ڪيون وينديون آهن ته جيئن انهن جو درجو به ٻين جي برابر ٿي وڃي. هن ڪجهه بين الاقوامي مثالون پيش ڪندي چيو ته آسٽريليا هوريزينٽل فزڪل ايڪيولائيزيشن، بيلجئم نيشنل سوليڊيريٽري انٽروينشن، ڪيناڊا فزڪل ڪيپسٽي ايڪيولائيزيشن (ايف سي اِي)، جرمنيءَ پوسٽ يونيفڪيشن ايڪيولائيزيشن پيمنٽس ڏنيون. هن چيو ته اهي مراعتون غير مينا مدت لاءِ نه ٿيون ڏنيون وڃن ۽ اهي وقت جي گهرجن مطابق هونديون آهن، جيئن جرمنيءَ ۾ ايڪيولائيزيشن سسٽم 2020ع ۾ختم ٿي ويندو.  

4Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں