ن ليگ بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبا ٺاهڻ لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

11Shares

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) قومي اسيمبلي ۾ بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ لاءِ آئيني ترميمي بل جمع ڪرائي ڇڏيو آهي سومر تي آئيني بل مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال، رانا تنوير، رانا ثناءُءَ الله خان، عبدالرحمان ڪانجوءَ پنهنجن صحيحن سان قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايو بل جي متن ۾ چيو ويو ته آئين جي آرٽِيڪل هڪ ۾ ترميم سان بهاولپور، ڏکڻ پنجاب جي صوبن جيجوڙجڪ جا لفظ شامل ڪيا وڃن بل ۾ چيو ويو ته صوبن ٺاهڻ لاءِ آئين ترميم جو عنوان آئيني ترميمي ايڪٽ قانون 2019 آهي آئيني ترميم موجب بهاولپور صوبي بهاولپور جي موجوده انتظامي ڊويزن تي ٻڌل هوندو آئيني ترميم موجب ڏکڻ پنجاب صوبو موجوده ڊيره غازي خان ۽ ملتان ڊويزن تي ٻڌل هوندو آئيني ترميم موجب ترميم کانپوءِ ڊيره غازي خان ۽ ملتان ڊويزنز پنجاب صوبي جي حد مان نڪري ويندا آئيني ترميم موجب آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ ترميم سان صوبائي سيٽن ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي آئين ترميم ۾ چيو ويو ته ترميم کانپوءِ بهاولپور صوبي جون 15 جنرل،. عورتن جون ٽي سيٽون گڏائي قومي اسيمبلي ۾ ڪل 18 سيٽون ٿي وينديون بل جي متن موجب بلوچستان جون 20 ڏکڻ پنجاب صوبي جون 38 خيبرپختونخواهه جو 55 ، پنجاب صوبي جون 117 سنڌ صوبي جون 75 ۽ اسلام آباد جون قومي اسيمبيليءَ ۾ ٽي سيٽون هونديون بل جي متن موجب ترميم جي نتيجي ۾ قومي اسيمبلي جي ڪل سيٽن جو انگ 326 هوندو جنهن ۾ 266 جنرل سيٽون ۽ 60 عورتن جون سيٽون هونديون بل جي متن موجب جنرل اليڪشن 2018 ۾ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ پنجاب مان عورتن جي مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿيندڙ عورتون موجوده اسيمبلي جو مدو مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجون ذميواريون نڀائينديون رهنديون موجوده اسيمبلي جو مدو مڪمل ٿيڻ سان ئي هي ڪلاز ختم ٿي ويندو.

11Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں