سنڌ اسيمبلي ۾ زبردست هنگامي بعد رمضان گهانچيءَ تي حملي خلاف گڏيل مذمتي ٺهراءُ منظور

1Shares

ڪراچي(رپورٽ: منصور کوکر) سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آء جو ايجنڊا کان اڳ ايم پي اي رمضان گهانچي تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ تي سخت احتجاج، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو نعريبازي، هنگامو، سوال جواب، ڌيان ڇڪايو نوٽيس گوڙ جي ور چڙهي ويا،   حڪومت طرفان ٺهراءُ آڻڻ تي مخالف ڌر به شامل ٿي وئي ٺهراءُ يڪراءُ طور تي منظور . تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دارني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان سوا 3 وڳي  شروع ٿيو، دعا ۽ نعت کانپوءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سوالن وارو سيشن ملتوي ڪري رمضان گهانچي مٿان فائرنگ وارو  ٺهراءُ  پيش ڪرڻ ڏنو وڃي جنهن تي اسپيڪر چيو ته سوالن واري مرحلي  بابت مون رولنگ ڏئي ڇڏي آهي، پر ان کان اڳ ان ڏينهن تي توهان جي رويي تي افسوس ٿيو ۽ هر ڪنهن مامري تي ڪرسين تان اٿي بيهڻ سٺو عمل ناهي، ميمبرن کي رولز جي پاسداري ڪرڻي پوندي، هائوس جي ايجنڊا کي ڇڏي ٻيو بزنس  آڻڻ جي اجازت نٿو ڏئي سگهان، جنهن بعد حڪومت پاران صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ سعيد غني به رمضان گهانچي واري مامري تي مذمتي ٺهراءُ آندو جنهن تي اسپيڪر چيو ته توهان ٻنهيءَ جو هڪ ئي ٺهراءُ آهي ان ڪري ان ٺهراءُ کي گڏائي ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ سوالن جي جواب واري سيشن بعد ان کي هائوس ۾ آندو ويندو، اسپيڪر چيو ته توهان ٻاهر وڃي جيڪا زبان منهنجي خلاف  استعمال ڪيو ٿا اها زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي ان جي باوجود مان توهان تي ناراض ناهيان ٿيندو مهرباني ڪري توهان ويهي رهو ٺهراءُ کي رولز موجب ايوان ۾ آندو ويندو جنهن تي مخالف ڌر اسپيڪر تي اعتراض ڪندي چيو ته هن وقت ئي آندو وڃي جنهن تي اسپيڪر چيو ته ائين نه ٿيندو، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته توهان جي نيت ئي ناهي ته ان ٺهراءُ کي ايوان ۾ آندو وڃي جنهن تي اسپيڪر چيو ته پوءِ توهانجي به نيت ٺيڪ ناهي ته هي اجلاس هلي، اسپيڪر چيو ته آءُ توهان کي درخواست ڪري رهيو آهيان ته آرام سان ڪرسين تي ويهي رهو ۽ هائوس کي هلڻ ڏيو،پي ٽي آءِ جي پارلياماني  اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته ٺهراءُ نه آندو ته اجلاس کي هلڻ نه ڏينداسين، اسپيڪر چيو ته ڪنهن جي به ڊڪٽيشن نه وٺندس، سوالن واري سيشن کان اڳ ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏيندس، جنهن تي مخالف ڌر  ايوان ۾ گوڙ شروع ڪيو ۽ نعريبازي ڪندي چيو ته نهين چليگي نهين چليگي غنڊا گردي نهين چليگي، مخالف ڌر ڊيسڪ وڃائڻ شروع ڪيون ته اسپيڪر کين مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا توهان ڪپڙا ڌوئڻ جي پريٽڪس ڪري رهيا آهيو، لاٺي گولي ڪي سرڪار نهين چليگي نهين چليگي جي نعرن سان ايوان گونجندو رهيو،ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن ڳالهائيندي چيو ته ٺهراءُ اهم آهي هن ايوان جا ٽي سيٽنگ ميمبر دهشت گردي جي ور چڙهي چڪا آهن ان ڪري ٺهراءُ کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ميمبر ڪنهن به جماعت جا هجن ان تي اسان کي مذمت ڪرڻ گهرجي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته خواجه اظهار الحسن جي ڳالهه درست آهي جنهن تي اسپيڪر چيو ته آءُ ڪنهن به ميمبر کان ڊڪٽيشن نه وٺندس ۽ هائوس کي رولز تحت هلائيندس ۽ ٺهراءُ هن وقت پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندس جنهن تي مخالف ڌر هڪ ڀيرو ٻيهر ايوان ۾ ڊيسڪون وڃايون  ۽ ايوان ۾ انصاف ڏيو انصاف ڏيو جا نعرا هنيا ۽ احتجاج ڪندي اسپيڪر ريسٽرم آڏو اچي ويا جتي ايجنڊا جون ڪاپيوڻ ڦاڙي اڇلايون ويون ان دوران اسپيڪر تعليم بابت آيل سوالن جا جواب پڙهي ٻن منٽن ۾ پورو ڪري ڇڏيو.  ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي  ايم ڪيو ايم جي منگلا شرما بسن ۾ ايمرجنسي گيٽ ختم ڪرڻ بابت ڳالهايو پر ايوان ۾ مخالف ڌر جي سخت شور شرابي ۾ اسپيڪر تائين ڪنهن به ميمبر جو آواز نه پهتو ،  صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته ميمبر درست معاملو اٿاريو آهي، شڪايتون مليون آهن، گاڏين وارن کي ايمرجنسي گيٽ رکڻ تي عمل ڪرايون پيا پر اسان وٽ پنهنجي ڪا به پوليس نه آهي،   پي ٽي آئي جي خرم شيرزمان ايوان ۾ مطالبو ڪندي چيو ته وڏو وزير ايوان ۾ اچي نوٽس وٺي، جنهن  بعد اسپيڪر پي ٽي آئي جي محمد اسلم جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڇڏي ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار کي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني پر هائوس ۾ گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيو رهيو رعنا انصار  جي گولاڙچي جي پرائمري اسڪول محمد درس بابت سوال جو جواب ڏيندي صوبائي وزير سردار علي شاهه چيو ته اسڪول جي حالت واقعي درست ناهي، ان اسڪول جا ٻار مصري ملاح اسڪول ۾ شفٽ ٿيا آهن، سينسز ڪرائي رهيا آهيون ۽ ان اسڪول کي فنڪشنل ڪنداسين، اسپيڪر جي ڊي اي جي عارف مصطفيٰ جتوئي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي ڇڏي تحريڪ لبيڪ جي ثروت فاطمه کي اجازت ڏني جنهن مبارڪ شهيد روڊ وٽ پائيپ لائين جي حالت خراب هجڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس ايوان ۾ شور شرابي دوران پيش ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني جواب ڏيندي چيو ته ميمبر جي ڳالهه ۾ وزن آهي، حڪومت ان لائين تي ڪم ڪيو آهي، هاڻي رڳو ان کي ڪنيڪٽ ڪرڻو آهي، پراڻي لائين هجڻ ڪري ليڪيج جو مسئلو به هو،  ان بعد حڪومت پاران صوبائي وزير سعيد غني رمضان گهانچي  تي حملي بابت مذمتي  ٺهراءُ پيش  ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايوان ايم پي اي رمضان گهانچي تي حملي جي مذمت ڪري ٿو ۽ سنڌ پوليس تڪڙا قدم کڻي شفاف جاچ ڪري 40 ڏينهن ۾ ايوان کي رپورٽ ڏئي،۽ سنڌسرڪار شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي ، ساڳيو ٺهراءُ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شيميم نقوي به  پيش ڪيو ۽ ٺهراءُ تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته  حڪومتي ميمبرن ايوان ۾ شور شرابو شروع ڪيو جنهن تي اسپيڪر هائوس کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءَ حڪومتي ميمبرن کي خاموش رهڻ جو چيو جنهن بعد هائوس ۾ ٻنهيءَ طرفان خاموشي ڇائجي وئي، ٺهراءَ تي ڳالهائيندي ايم ايم اي جي عبدالرشيد چيو ته معزز ميمبر تي قاتلاڻو حڪلي وارو واقعو پهريون ناهي هن چيو ته افسوس ته واقعي کان ٽي ڏينهن پوءَ مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ڪپتان جا کلاڙي اناڙي آهن انهن ٺهراءُ بابت گوڙ  ڪري وقت برباد ڪيو ۽ هاڻي ان ٺهراءُ تي ڳالهائي رهيا آهن ، واقعو حڪومتي نااهلي آهي، پي ٽي آئي جي عمران علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته رمضان گانچي مٿان قاتلاڻو حملي جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي ان جي نشاندهي ڪرڻ سنڌ حڪومت جي آهي، ايم ڪيو ايم جي محمد حسين چيو ته رمضان گانچي مٿان فائرنگ وارو واقعو افسوسناڪ آهي ڪيترن مهينن کان ماڻهو پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن اهڙي طرح ايم پي اي به پاڻ کي محفوظ نٿا سمجهن.هن چيو ته سنڌ سرڪار اجلاس ختم ڪري فوري طور تي امن امان تي ڌيان ڏئي، جئين عوام کي تحفظ جو يقين ٿئي، ڪراچي ۾ عوام وٽ برداشت نه رهي آهي، پاڻي، بجلي، ڊرينيج، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيا مسئلا آهن، سرڪار ۽ ڪامورا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو ته علي رضا عابدي جا قاتل پوليس اڃا نه گرفتار ڪيا آهن، رمضان گهانچي تي فائر ڪندڙ پ پ جو وائيس چيئرمين علي سومرو آهي، جيڪو گرفتار ٿيو آهي اهو ايس ايڇ او سان گڏ ماني پيو کائي، وڏي وزير کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، گهرو وزارت به وڏي وزير وٽ آهي، هن چيو ته سرڪار معاملي کي کڻي، 40  ڏينهن ۾ نتيجو ڪڍيو وڃي، پ پ ايم پي اي راجا رزاق چيوته ڪراچي ۾ عبدالله مراد ماريو ويو سوين ڪارڪن شهيد ڪيا ويا، ڪنهن کي به نه ماريو وڃي، ايم پي اي يا عام شهري سڀ برابر آهن، هن چيو ته اسيمبلي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، رمضان جي ڪيس ۾ گرفتاريون به ٿيون آهن، اسيمبلي کي مڇي مارڪيٽ نه بڻايو وڃي، جي ڊي اي جي ايم پي اي رفيق ٻانڀڻ چيو ته سنڌ ۾ گذريل ڏهن سالن کان گهرو کاتو اڻڏٺو نظر آيو آهي، رمضان گانچي مٿان حملو مذمت جوڳو عمل آهي رمضان گهانچي جو قاتل ٿاڻي ۾ عياشي ٿو ڪري ته پوءَ عام ماڻهن سان ٿاڻن تي ڪهڙو حشر هوندو.پي ٽي آئي جي حليم عادل شيخ چيو ته اسان جي خواهش هئي ته رمضان گهانچي مامري تي اسپيڪر ايجنڊا ختم ڪري ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ها، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا وري واقعا شروع ٿي ويا آهن، هن شهر ۾ وڏا وڏا واقعا ٿيندي ڏٺا، جنهن ۾ مرتضيٰ ڀٽو، محترمه شهيد، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي به شهيد ٿيندي ڏٺو آهي، جنهن تي حڪومتي ميمبرن گوڙ ڪيو جنهن تي حليم عادل شيخ چيو پيپلن کي تڪليف مرتضيٰ ڀٽو جو نالو وٺڻ تي ٿي رهي آهي ڪراچي جي امن ۾ هزارين ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن جنهن ۾ سڪيورٽي ادارا شامل آهن خدا نه ڪري رمضان گهانچي بچي ويو هو مري وڃي ها ته ڇا ٿئي ها مارڻ وارو پ پ جو اڳواڻ آهي حڪومت سستي جو مظاهرو ڇو پئي ڪري، رمضان گهناچي ايم پي اي آهي ان کي سڪيورٽي ناهي ۽ ان مٿان فائرنگ ڪندڙ يو سي وائيس چيئرمين کي سيڪيورٽي ڏنل آهي.صوبائي وزير سعيدغني چيو ته واقعي جي مذمت ڪيان ٿو، جاچ بنا واقعي جي ذميواري پ پ کي ڌر بنايو ويو، رمضان جي چوڻ تي ايف آءِ آر ٿي، ٻن جوابدار گرفتار ٿيا آهن، باقي هڪ جوابدار 3 کان  4 ڏينهن ۾ گرفتار ٿي ويندو، وائيس چيئرمين پهرين آزاد چونڊجي آيو ان بعد پ پ ۾ شامل ٿيو، هن چيو ته ايم پي ايز به پنهنجي ليٽر هيڊ تي غيرقانوني پاڻي ڪنيڪشن جي اجازت ڏين ٿا ائين نه ٿيڻ گهرجي،  رمضان جي واقعي کي تڪراري بڻايو ويو، هن مخالف ڌر کي خاطري ڪرائي ته واقعي جي جاچ ٽرانسفر ڪئي ويندي،  ان بعد ٺهراءُ يڪراءَ منظور ٿي ويو.

1Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں