ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نواز شريف کي آمرن آندو، شهباز شريف جي به ڪابه جدوجهد ناهي: وزيراعظم

5Shares

ميانوالي(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته جيڪي سيڙپڪار 2012ع ۾  ڪرپشن جي ڪري ملڪ ڇڏي ويا اهي اڄ واپس اچي ويا آهن، ملڪ ۾ وسيلن جي کوٽ ناهي، اسان پنهنجين غلطين ۽ سستي جي ڪري پوئتي رهجي ويا آهيون. نمل يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ مان اربين رپيا چوري ڪيا ويا، وڏيون وڏيون ڪمپنيون ڪرپشن جي ڪري ملڪ ڇڏي ويون، پر هاڻي اسان جو ملڪ اٿي رهيو آهي ۽ سيڙپڪار اچي رهيا آهن. هن چيو ته چين ۾ 400 وزيرن کي جيل ۾ وڌو ويو، حڪمرانن کان انهن جي مال بابت پڇڻ سان جمهوريت خطري ۾ نٿي پوي، جڏهن انهن کان جواب گهريو ته پئسا ڪٿان ٺاهيا ته اهي گوڙ ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو جيڪو به اڳواڻ هوندو اهو عوام آڏو جوابده هوندو، جمهوريت ۾ ميرٽ ٿيندي آهي بادشاهت نه. وزيراعظم چيو ته لائيو اسٽاڪ ۾ دنيا ۾ اسان ستين نمبر تي آهيون، پر خشڪ کير گهرايون ٿا، اسان جا هاري ڳئون کان 6 ليٽر کير وٺن ٿا ۽ هالينڊ ۾ 40 ليٽر وٺن ٿا، اسان جي هارين کي نئين ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ ناهي، اسان جديد ٽيڪنالاجي آندي ته پوري دنيا کي اناج ڏئي سگهون ٿا، اسان پنهنجي غلطين ۽ سستي جي ڪري پوئتي رهجي ويا آهيون. وزيراعظم مخالف ڌر اڳواڻ تي سخت تنقيد ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي حمايت ڪندي چيو ته شهباز شريف عثمان بوزدار لاءِ ڪريل ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي، عثمان بوزدار پنجاب جو سڀ کان بهترين وڏو وزير هوندو، ڇاڪاڻ ته سندس مفاد پاڪستان سان لاڳاپيل آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته عثمان بوزدار پنهنجيون فيڪٽريون ناهن ٺاهيون، ان ۾ نوڙت آهي، چاليهه گاڏيون کڻي ناهي نڪرندو، ان جو علاج به پاڪستان ۾ ٿيندو ۽ هو اهڙي اسپتال ٺاهيندو ته جيئن ماڻهن کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻو نه پوي. عمران خان چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ نواز شريف کي آمرن آندو ان کان اڳ انهن جي ڪابه جدوجهد نه هئي جمهوريت ۾ حڪمرانن لاءِ احتساب آهي پر هتي ڪير به جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي عثمان بوزدار 40 گاڏيون وٺي نه ويندو آهي ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ آمر وزيرخارجه بڻايو نواز شريف کي هڪ آمر وڏو وزير بڻايو هاڻي پيءُ پٽ ڪاغذ کڻي چون ٿا ته پارٽي جي قيادت وارثت ۾ ملي آهي انهن جي ڪهڙي قابليت آهي ان کي جمهوريت نه چوندا آهن  هن چيو ته جن ماڻهن پئسي کي زندگي جو مقصد بڻايو اهي خوش ناهن عمران خان چيو ته ٻاهري ملڪن ۾ حڪمرانن کان انهن جي ملڪيت بابت پڇاڻو ڪرڻ سان جمهوري خطري ۾ ناهي پوندي پر پاڪستان ۾ جواب گهريو وڃي ٿو ته اهي شور مچائيندا آهن شهباز شريف صرف پنهنجي ڀاءُ جي ڪري اڳتي آيو هن ڪابه جدوجهد ناهي ڪئي.

5Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں