افغانستان ۾ پاڪستاني قونصليٽ ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام، افغان عورت هينڊ گرينڊ سميت گرفتار

7Shares

ڪابل/اسلام آباد (م ڊ): افغانستان جي شهر مزار شريف ۾ پاڪستاني قونصلخاني اندر دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام، افغان عورت گرفتار، پاڪستان قونصلخانو بند ڪري ڇڏيو. خبر موجب افغانستان جي شهر مزار شريف ۾ هڪ افغان عورت ٿيلهي اندر هينڊ گرينڊ کڻي پاڪستاني سفارتخاني اندر پهچي وئي، افغان عورت کي پوليس موقعي تي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف  سيڪيورٽي خدشن سبب پاڪستان مزار شريف ۾ قونصلخانو بند ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته مڪمل سيڪيورٽي تائين پاڪستاني سفارتخانو بند رهندو، گرفتار ڪيل افغان عورت کان جاچ پاڪستان سان شيئر ڪئي وڃي. پاڪستاني قونصلخاني جي فول پرروف سيڪيوررٽي جا انتظام ڪيا وڃن.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں