وفاقي حڪومت آئين تحت ڪم ڪندي ته ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نه ٿيندو: وڏو وزير

7Shares

 سکر (رپورٽ: رابيل ميراڻي) وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاه چيو آهي سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل بلدياتي نطام واري ترميمي بل سان ڪنهن به چيئرمين خلاف ڪا انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي باقي جيڪو شخص پنهنجي سادي اڪثريت وڃائي ويهندو ته پوءِ ان کي وڃڻو ئي پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي لڳ ڳوٺ فتح پور ۾ پ پ اڳواڻ مير احسان خان سندراڻي جي فرزند جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعلى سنڌ ڳالهائيندي چيو آهي ته آئين ۾ سڀني جون ذميواريون واضع ٿيل آهن جيڪڏهن وفاقي حڪومت آئين تحت ڪم ڪندي ته ڪو به ٽڪراءٌ نه ٿيندو پر پي ٽي آئي کي پهريون ڀيرو حڪومت ملي آهي انڪري کين آئين جي ڪا خبر ناهي منهنجو خيال آهي ته هنن کي آئين جي آهستي آهستي خبر پئجي ويندي. وڏي وزير چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت دوران ملڪ پوئتي ويندي ڏسي رهيو آهيان هنن جي چئن پنجن مهينن واري حڪومت مان ڪو به ماڻهو خوش ناهي. وڏي وزير وفاقي حڪومت جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن ڪو پاڻ ڪم ناهي ڪري سگهندو ته پوءِ ان جو اهو ئي طريقو هوندو آهي ٻين تي تنقيد ڪرڻ جڏهن ته اسين آئين موجب ڪم ڪندا رهنداسون ۽ سنڌ جي عوام جيڪو اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان تي پ پ قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ پورو لهن جي ڪوشش ڪنداسون. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته اسين اعلانن تي يقين رکڻ بدران ڪم تي يقين رکون ٿا گهوٽڪي ضلعي سميت سموري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاه، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه ۽ صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاه بعد ۾ ڳوٺ بهشتي ارباب شاه پهچي پ پ جي جهوني ڪارڪن سيد ممتاز شاه جيلاني جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.

7Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں